بشريٰ ۽ لطيف کوسو آڊيو، ڊي جي آءِ ايس آءِ ٻڌائي ته آڊيو ڪنهن ليڪ ڪئي:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي جاچ ايجنسي(ايف آءِ اي) کي سينئر وڪيل لطيف کوسا ۽ عمران خان جي گهر واري بشريٰ  بي بي جي ليڪ ٿيل آڊيو جي فارنزڪ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لطيف کوسا ۽ بشريٰ بي بي آڊيو ليڪ بابت ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته جاچ ڪئي وڃي ته سڀني کان پهريان آڊيو ڪٿان کان جاري ٿي. جسٽس بابر ستار چيو ته پيمرا ٻڌائي ماڻهن جي نجي ڳالهه ٻولهه ڪيئن ٽي وي چينلز تي نشر ٿي رهي آهي.؟ . جسٽس بابر ستار درخواست تي لڳايل اعتراض ختم ڪندي پڇاڻو ڪيو ته درخواست تي رجسٽرار آفيس جو ڪهڙو  اعتراض آهي؟ لطيف کوسا ٻڌايو ته اعتراض اهو آهي ته ڌار درخواست داخل ڪريو، گڏيل درخواست ڪيئن داخل ڪري سگهو ٿا؟ آڊيو ليڪس  ڪيس ۾ گڏيل درخواست داخل ٿي سگهي ٿي، وڪيل ۽ موڪل جي ڳالهه ٻولهه تي استحقاق هوندو آهي. لطيف کوسا چيو پيمرا هونئن ته ڪنهن جو به نالو وٺڻ تي اسڪرين بند ڪري ڇڏيندو آهي. جسٽس بابر ستار درخواست جي ڪاپي ڊي جي آءِ ايس آءِ کي اماڻڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ به رپورٽ ڏئي ته آڊيو ڪنهن رليز ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.