گيٽ نمبر 4 جي سياست نٿي اچي، ”ڪنهن ٻئي“ ڏانهن نٿو ڏسڻ چاهيان: بلاول

پشاور(م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ جي معاشي حالتن سبب عوام کي ڪيتريون ئي مشڪلاتون درپيش آهن، مهانگائي  ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، پراڻا سياستدان اڄ به انا جي سياست ڪري رهيا آهن، اسان کي ان سياست کي ختم ڪرڻو پوندو. خيبرپختونخوا جي ضلعي شانگله ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته هتي جي ماڻهن جون دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان، اڄ به بينظير ڀٽو شهيد جا جيالا ميدان ۾ آهن. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ نفرت ۽ ويڇي جي سياست عروج تي آهي، سياست کي اختلاف بدران ذاتي دشمني تائين پهچايو ويو آهي. پراڻا سياستدان عوام کي نه ڏسي رهيا آهن ۽ نه ئي انهن وٽ مستقل ڪو پلان آهي. اسان کي گار گند ۽ ٽڪ ٽاڪ جي سياست جي نٿي اچي. هن چيو ته سياسي جنت عوام جي قدمن ۾ آهي، هن چيو ته اسان کي پنهنجا نه پر عوام جا کيسا ڀرڻا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئون 19 سالن کان سياست ڪري رهيو آهيان ۽ منهنجا هٿ صاف آهن، جيڪڏهن عوام کي روزگار ڏيڻ ڏوهه آهي ته اهو ڏوهه آئون بار بار ڪندس. پورهيت خوشحال ٿيڻ تائين ملڪ خوشحال نٿو ٿي سگهي. انتقام بدران عوام جي ڀلائي لاءِ سياست هجڻ گهرجي. هن چيو ته 8 فيبروري تي پيپلزپارٽي ڪامياب ٿيندي. هن دعويٰ  ڪئي ته پيپلزپارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا عوام کي ڳڀو، لٽو ۽ اجهو ڏياري سگهي ٿي. بلاول ڀٽو چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت ٺهندي ته يوٿ ڪارڊز ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.