چونڊن لاءِ بيورو ڪريسي کان رٽرننگ آفيسر وٺڻ خلاف جواب طلب

لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ عام چونڊن لاءِ پنجاب جي بيورو ڪريسي کان رٽرننگ آفيسر وٺڻ خلاف داخل درخواست تي ڌرين کي  نوٽيس جاري ڪندي 12 ڊسمبر تي جواب طلب ڪري ورتو. عدالت اٽارني جنرل کي ايندڙ ٻڌڻي تي مدد لاءِ طلب ڪري ورتو. جسٽس علي باقر نجفي عمير خان نيازي جي درخواست تي شروعاتي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته عدالت کي گذارش آهي ته پنجاب حڪومت کان آفيسرن جي ريٽرننگ طور مقرري جو فيصلو غير قانوني قرار ڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.