سنڌ جي زمين ادارن بدران ھارين کي ڏني وڃي

ھونئن ته سنڌ جون زمينون ڀڳڙن مٺ تي نيلام ڪرڻ وارو سلسلو گھڻي وقت کان ھلندڙ آھي، جنھن جي خلاف سول سوسائٽي ۽ سياسي توڙي قومپرست ڌريون پرامن احتجاج ڪنديون رھيون آھن، پر انھن جي احتجاج کي سدائين نظر انداز ڪيو ويو آھي ۽ ان معاملي متعلق ڪا به اھڙي اڳڀرائي نه ٿي سگھي آھي، جنھن ۾ ڌرڻي ڌڻين کي ان ڳالھه جو احساس ٿئي ته ھن ملڪ ۾ سندن آواز کي به ڪو ٻڌڻ وارو آھي، پر حقيقت اھا آھي ته ھتي ڪنھن جو سڏ ورنائڻ جي بدران کيس خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي، ڪنھن سان ٿيل ناانصافي جو ازالو ڪرڻ جي بدران ويتر ساڻس زيادتي ڪئي ويندي آھي.

ويجھي ماضي ۾ سنڌ جي سوين ايڪڙ زرعي زمين تي ملڪ رياض  قبضو ڪري بحريا ٽائون ٺاھيو، جنھن جي خلاف پڻ تاريخ جا وڏا احتجاج ڪيا ويا، پر حڪومت ملڪ رياض جي ناجائز والار روڪڻ جي بدران سنڌ جي سوين سياسي ڪارڪنن توڙي عام ماڻھن ۽ اڳواڻن تي مختلف نوعيت جا ڪيس داخل ڪري کين جيل اماڻي ڇڏيو ھو.

بحريا ٽائون وارو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ به ويو پر ان جي والار ۽ تعميري ڪم رڪجي نه سگھيو، جيڪو اڃان تائين جاري آھي. ٻئي طرف بحريا  ٽائون لاھور جون ڪيئي تيار ٿيل بلڊنگون شھباز شريف جي وڏ وزارت دوران  ڪيرايون ويون ھيون، جيڪي سرڪاري ۽ قبضي جي زمينن تي ٺاھيون ويون ھيون، ياد رھي ته ان قبضي جي خلاف اتي ڪو به عوامي ردِعمل سامھون نه آيو ھو، پر تنھن جي باوجود به صوبائي حڪومت سخت ايڪشن وٺي قبضا گيرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ھئي.

ڪجھه ڏينھن کان سنڌ جي 54  ھزار ايڪڙ زمين ادارن جي حوالي ڪرڻ جون خبرون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته ادارن جي قبضي ۾ اڳ ۾ ئي تمام گھڻي زمين آھي، جيڪا گھڻي ڀاڱي خالي ۽ ويران پيل نظر ايندي آھي، اھا زمين ايتري  وڌيڪ آھي جو حقيقي طور ادارن کي ايندڙ پنجاه سالن تائين ٻي زمين جي ڪا به گھرج نه ٿيندي. شايد اھو ئي سبب آھي جو عدالت  پنجاب جي زمين ادارن کي ڏيڻ جي خلاف فيصلو ڏئي چڪي آھي، سنڌ جو عوام پڻ ملڪي عدالتن مان اھڙي انصاف ۽ ان قسم جي فيصلي جي توقع رکي ٿو.

سنڌ توڙي ملڪ جي انساني آبادي تيزي سان وڌي رھي آھي، ان لاءِ اسان کي زرعي آبادي وڌائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي ۽ ھارين جا ھٿ مضبوط ڪري زرعي سڌارا آڻڻا پوندا ته جيئن مستقبل ۾ خوراڪ جي کوٽ پيدا نه ٿئي، ان لاءِ سنڌ جون زمينون ادارن کي ڏيڻ جي بدران بي زمين ھارين کي ڏنيون وڃن، جنھن سان ھڪ طرف سوين ھارين جو جيئڻ سھنجو ٿي پوندو، جن وٽ گذر سفر جو ڪو به ذريعو ناھي، ته ٻئي طرف زرعي آبادي وڌڻ سبب ملڪي معيشت کي فائدو پھچندو ۽ ملڪ ۾ امڪاني خوراڪ جي کوٽ کي منھن ڏئي سگھبو.

  • ڪاري موري: ڪرپشن جي نذر ٿي ويل چار ڪروڙ رپيا

جوھي برانچ تي قائم ڪاري موري جو جوڙيل سليب چند ڪلاڪ به جٽاء ڪري نه سگھيو، جيڪو پاڻي جي تيز وھڪري ۾ ٽٽي لڙھي ويو. دراصل پاڻي جي وھڪري ۾ ڪاري موري جو سليب نه پر ڄڻ ته چار ڪروڙ رپيا لڙھي ويا آھن، ڇا ڪاڻ ته اھو سليب چار ڪروڙ رپين جي لاڳت سان تيار ڪيو ويو ھو، جيڪو ڪرپشن جي نذر ٿي ويو ۽ مقامي ماڻھن کي فائدو ڏيڻ جي بدران انھن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيو، ڇو ته ڪاري موري جو سليب ٽٽڻ سبب 40 کان وڌيڪ سپلائي ڪندڙ شاخن ۾ پاڻي جي فراھمي ٻيھر معطل ٿي وئي آھي، جنھن سان ڪڻڪ جو فصل متاثر ٿي سگھي ٿو، انديشو آھي ته آبادگادرن جو اربين رپين جو نقصان ٿيندو.

ھونئن ته ڪرپشن کان پاڪ ملڪ جو ڪو به ادارو ناھي، پر آبپاشي کاتي ۾ تمام گھڻي ڪرپشن ڪئي وڃي ٿي، شاخن ۾ پوندڙ گھارا ۽ خود ڪاري موري جو مثال اسان جي سامھون ھڪ وڏو ثبوت آھي. سوال اھو به پيدا ٿئي ٿو ته پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي واھن ۾ وڌيڪ  گھارا ڇو پوندا رھن ٿا؟ پنجاب يا ملڪ جي ڪنھن ٻئي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اھڙا واقعا ورلي ٿيندا آھن. ان ڪڌي عمل ۾ پڻ آبپاشي عملدار ملوث ھوندا آھن، جيڪي واھن جي ڪڙن تي بيٺل وڻ وڍائي وڪرو ڪري ڇڏيندا آھن، جنھن سان ڪپر ڪمزور ٿي ويندا آھن ۽ شاخن کي ھٿرادو گھارا ھڻائي ھڪ پاسي سرڪاري خزاني کي کاٽ ھڻندا آھن ته ٻئي پاسي سوين ايڪڙن جي بيٺل فصل کي ٻوڙائي ھارين جو نقصان پڻ ڪندا رھندا آھن.

ڪاري موري جي سليب جي اڏاوت ۾ انتھائي ناقص ميٽريل استعمال ڪيو آھي، جنھن جو ٺيڪو ھڪ خانگي ڪمپني کي ڏنو ويو ھو. ٺيڪيدارن کي ٺيڪو ڏيڻ کان پھريان ئي کانئن ڪميشن ورتي ويندي آھي، ۽ ان کان پوءِ ڪلارڪ کان ويندي مٿي سطح تائين کين حصو ڏيڻو پوندو آھي، جيڪا ڳالھه ڪنھن کان ڳجھي ناھي. لاڳاپيل انجنيئر ۽ سرڪاري علمدارن جي ملي ڀڳت کان سواءِ سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته ڪو ٺيڪيدار ڪٿي ناقص ميٽريل استعمال ڪري سگھي. ان لاءِ ان معاملي جو اڪيلو ذميدار رڳو ٺيڪيدار ناھي پر واسطيدار آفيسر پڻ آھن، جن جي خلاف انڪوائري ڪري کين نوڪرين کان برطرف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.