اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل(رٽائرڊ) سجاد غني کي هٽائڻ جو فيصلو ٿي ويو، صحافي عمر چيما چيو ته واپدا جي جي ايم ايڊمن اينڊ فنانس برگيڊيئر طفيل کان استعيفيٰ ورتي وئي آهي، واپڊا جو موقف اهو آهي ته هن پنهنجي ذاتي سبنن جي ڪري استيعفيٰ ڏني آهي، برگيڊيئر سجاد غني جي ويجهو رهندڙ آهي،فوج جي ملازمت دوران به ٻنهي ۾ گهڻو قرب هوندو هو، اطلاعن مطابق برگيڊيئر طفيل کي هٽائڻ پهريون قدم آهي ٻئي قدم ۾ واپڊا چيئرمين کي به هٽائي سگهجي ٿو، اهو معاملو اعليٰ سطحي آهي، پاڻي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري اچي رهي آهي، اطلاع آهن ته واپڊا ۾ نئين قيادت اچي رهي آهي..