العزيزيه ريفرنس ٻيهر عدالت موڪلڻ بابت نيب جي درخواست رد

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيا ريفرنس تي اپيل ميرٽ تي ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ العزيزيا اسٽيل ملز ريفرنس ۽ نواز شريف جي سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن ڪئي، نواز شريف جو وڪيل امجد پرويز ايڊووڪيٽ ۽ نيب پراسيڪيوٽر به عدالت ۾ پيش ٿيا. امجد پرويز ايڊووڪيٽ چيو ته نيب سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي ريفرنس داخل ڪيا، جن ۾ هڪ جهڙو الزام هو، فليگ شپ ريفرنس ۾ احتساب عدالت نواز شريف کي آزاد ڪري ڇڏيو هو پر هڪ ئي الزام تي الڳ الڳ ريفرنس داخل ڪيا ويا، اسان درخواست ڏني هئي ته هڪ الزام تي رڳو هڪ ئي ريفرنس داخل ٿيڻ گهرجي ها، عدالت هن وقت چيو هو ٽرائل الڳ الڳ ٿي رهيو آهي پر فيصلو گڏ ٻڌايو ويندو. هن چيو عدالت کي ڏسڻو آهي ته پراسيڪيوشن ان ڪيس ۾ لاڳو الزام کي ثابت ڪيو يا نه، جنهن تي چيف جسٽس چيو اهو ٻڌايو ته ان ڪيس ۾ الزام ڪهڙو هو؟ نواز شريف جي وڪيل ٻڌايو ته ان ريفرنس ۾ به آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام هو، ان ڪيس ۾ 22 شاهد آهن، جن مان اڪثر رڪارڊ بابت شاهد آهن، 22 مان 13 شاهدن رڳو بئنڪن جو رڪارڊ پيش ڪيو، اهي اکين ڏٺا شاهد ناهن، 5 شاهد سيزر ميمو جا آهن، 2 شاهد ڪال اپ نوٽيس کڻي ويندڙ هئا.  نيب پراسيڪيوٽر چيو ان بابت مريم نواز به پريس ڪانفرنس ڪئي هئي ۽ معاملو سپريم ڪورٽ ويو هو .. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيا ملز ريفرنس ميرٽ تي ٻڌڻ جو فيصلو ڪندي ڪيس ٻيهر ٻڌڻي لاءِ احتساب عدالت موڪلڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.