سنڌي ثقافت ۽ قومي ايڪتا وارا منظر

تحرير: علي محمد ميمڻ

سنڌين جو ثقافتي ڏينهن ھر سال  ڊسمبر جي پهرين آچر تي سرڪاري ۽ عوامي سطح تي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي اهڙي ريت هن سال اهو ڏينهن ٽئين ڊسمبر2023ع  تي آهي پر مزيدار ۽ سرهائي واري ڳالهه آهي ته پهرين ڊسمبر کان ئي اهو ڏينهن ملهائڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ سموري سنڌ ۾ پنهنجا ثقافتي ميڙاڪا، گڏجاڻيون ۽ ثقافتي شور، ڪانفرنسن ۽ تعليمي ادارن ۾ ثقافتي پروگرامن وارو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.سنڌ ۾ پهرين ڊسمبر تي تمام گهڻا پروگرام ، ميڙاڪا، ثقافتي شور ڪيا ويا آهن، جنهن جي اخبارن ۽ ٽي وي چينلن تي وڏي پيماني تي ڪوريج شايع ٿي آهي ۽ ٽيلي ڪاسٽ ڪئي پئي وڃي.

سنڌ جي ثقافت ته يقينن سنڌي قوم وانگر هزارين سال قديم آهي پر اسان وٽ ساليانو قومي ثقافتي ڏينهن عوامي ۽ سرڪاري سطح تي ملهائڻ وارو سلسلو يقينن گهڻو پراڻو نه آهي. اهو ملڪ ۾10 سال اڳ پيدا ٿيل هڪ ڏکوئيندڙ واقعي ۽ سنڌين ۽ سنڌي قوم جي چونڊيل سياسي قيادت پاڪستان پيپلز پارٽي جي  صدر مملڪت آصف علي زرداري جي ملڪ جي سربراهه طور افغانستان جي دوري ۾ سنڌي ٽوپي ۽ وڳو پائي افغان فوج کان گارڊ آف آنر وٺڻ تي هڪ صحافي طرفان هڪ ٽي وي چينل تي سندس پروگرام ۾ ڪيل انٽرويو ۾ ٽوڪ ۽ اعتراض ڪرڻ واري واقعي ۽ سندس  اڻوڻندڙ هلت جي ردعمل طور سموري ملڪ ۽ دنيا ۾جهڙي ريت ردعمل  اڀري پيو، اهو ملڪ جي سياسي تاريخ جو پڻ هڪ وڏو واقعو ٿي ويو ۽ سموري سنڌي قوم انهي ردعمل ۾ هڪ ٿي وئي ۽  تنهن وقت وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي دور ۾ ڊسمبر مهيني ۾ قومي ثقافت ۽ ايڪتا ڏينهن ملهائڻ جي شروعات ٿي، جنهن کي سنڌ جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ادارن طرفان پڻ وڏي ڌام ڌوم سان ملهائڻ واري ڪم کي قومي فرض سمجهي سر انجام ڏيڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو. اهڙي ريت، قوم، حڪومت، سنڌي ميڊيا ۽ سمورا ساڃهه وند  قومي حقن ۽ قومي ايڪتا واري معاملي تي پٺتي نه هٽڻ جي اڻ لکيل آواز کي ٿورڙن ئي سالن ۾ لوهه تي ليڪي ۽ پٿر تي لڪير واري صورت ڏيارڻ ۾ جيڪا ڪاميابي ۽ مڃتا ماڻي آهي اها بي مثال بڻجي وئي آهي.

سنڌي قوم ۾ گذريل ڪجهه سالن کان پيدا ٿيل هن قومي ثقافتي تحرڪ ۽ سرگرمين سموري دنيا جي توجهه پڻ پاڻ ڏانهن ڪرائي ورتي آهي ۽ هر سال وانگر هن سال به آمريڪا، برطانيا، فرانس، جرمني، چين ۽ دنيا جي مختلف ملڪن طرفان سنڌي قوم سان پنهنجي ثقافتي يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ انهن ملڪن جي حڪومتن جي سفارتخانن ۽ ثقافتي ادارن جي سربراهن طرفان سرڪاري طور تي پنهنجي لکت ۽ ويڊيو پيغامن ذريعي سنڌي قوم کي سندس هزارين سالن جي قديم تاريخ ۽ تهذيب جي ورثي  جي وارث هئڻ تي مڃتا ڏني ۽ واڌايون پيش ڪيون.

قوم جي هن ثقافتي ڏينهن جي مناسبت سان سنڌي ثقافتي پوشاڪ، ٽوپي ۽ اجرڪون پهريل لکين ماڻهن ۽ سنڌي گج، سوسيون ۽ ثقافتي ويس وڳا ۽ ڪنگڻ پاتل سنڌياڻين، سورمين سنڌ جي سمورن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هرجاءِ پنهنجي هن قومي ڏينهن کي ثقافتي عيد وانگر ملهايو پيو وڃي. سنڌ جي سمورن ننڍن، وڏن شهرن، ڳوٺن، واهڻن ۽ وسندين ۾ هرعمر ۽ رنگ نسل جي مردن، عورتن، ٻارڙن پنهنجي پسند ۽ من موجب  پنهنجين روحاني خوشين کي قومي گيتن تي رقص جهمريون هڻي پنهنجي ثقافت ۽ ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن. اسانجي سنڌ کانسواءِ پنهنجي ملڪ ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پڻ سنڌ جي قومي ڏڻ کي مان ۽ مرتبي سان ملهائڻ وارو سلسلو جاري آهي ۽ سياسي ۽ سماجي ادارن طرفان پڻ اهڙي قسم جا ميڙاڪا، ريليون ۽ محفلون سجايون پيون وڃن .

سنڌ جو ثقافتي ۽ ايڪتا وارو ڏينهن هر سال وانگر ڊسمبر جي پهرين آچر تي سنڌ سميت سموري ملڪ ۽ دنيا ۾ جتي به سنڌي رهن ٿا يا قومن جي ثقافتن سان محبت ڪندڙ ماڻهو رهن ٿا اتي سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ جو هي قومي ثقافتي ڏينهن پاڻ ملهائي فخر ۽ خوشي محسوس ڪن ٿا ۽ پنهنجين انهن خوشن ۾ پاڻ سان گڏ ٻين قومن، ٻولين جي ماڻهن ۽ پسگردائي جي ماڻهن کي به دعوت ڏئي شامل ڪن ٿا.  سنڌي ثقافتي ڏينهن تي سنڌ ۾ سڀ کان وڏا اجتماع ۽ ميڙاڪا صوبي جي راڄڌاني ڪراچي شهر، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ڊويزنن سميت سموري سنڌ جي شهرن ۽ وسندين ۾ڏسڻ ۾ ايندا آهن. خاص طور تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان هر سال وانگر مختلف سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ادارن ۽ جماعتن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جو گڏيل قومي ايڪتا جي مظاهري جون تياريون پڻ جاري آهن ۽ اهڙي ريت سموري سنڌ ۾ قوم پنهنجي ڳاڙهن رنگن ۽ ٽوپي اجرڪ سان جهرجنگ ۾ جاڳي پئي ۽ سموري سنڌ جرڪي پيئي. سال 2022 ع ۾ ملهايل قومي ثقافتي ڏينهن يقينن، سنڌ جي گذريل مهينن ۾ قدرتي آفتن، رڪارڊ ٽوڙ برساتن  ۽ ٻوڏن جي ٿيل هاڃيڪارين واري صورتحال جي باوجود پنهنجي ثقافت ۽ قومي فرضن کان پاڻ کي غافل نه ڪيو آهي. پنهنجي قوم ۽ قومي جياپي جي جدوجهد وري شروع ڪرڻ لاءِ  سندرا ٻڌي بيهڻ جي عزم کي اجاگر ڪرڻ واري همت جو اڀري مٿي اچڻ سان يقينن سنڌي قوم جي مان شان ۽ عزت و احترام ۾ بي پناهه اضافو ٿيو آهي ۽ سندن همت ۽ مڙسيءَ، محنت ۽ هر مشڪل  کي منهن ڏيڻ وارن جذبن جي سمورن زخمن ۽ تڪليفن تي وري وڃڻ واري ڪردار ۽ عمل سان شاندار مڃتا ماڻي آهي.

 

سنڌي قوم ۾ گذريل ڪجهه سالن کان پيدا ٿيل هن قومي ثقافتي تحرڪ ۽ سرگرمين سموري دنيا جي توجهه پڻ پاڻ ڏانهن ڪرائي ورتي آهي ۽ هر سال وانگر هن سال به آمريڪا، برطانيا، فرانس، جرمني، چين ۽ دنيا جي مختلف ملڪن طرفان سنڌي قوم سان پنهنجي ثقافتي يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ انهن ملڪن جي حڪومتن جي سفارتخانن ۽ ثقافتي ادارن جي سربراهن طرفان سرڪاري طور تي پنهنجي لکت ۽ ويڊيو پيغامن ذريعي سنڌي قوم کي سندس هزارين سالن جي قديم تاريخ ۽ تهذيب جي ورثي  جي وارث هئڻ تي مڃتا ڏني ۽ واڌايون پيش ڪيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.