اڄ آئون اھا روايتي ڳالھه ڪانه ڪنديس ته عورت، ٻوليءَ جي خالق ۽ محافظ آھي ڇو جو ھوءَ نه رڳو ٻار کي ڳالھائڻ سيکاري ٿي پر پنھنجي ٻوليءَ کي ايندڙ نسلن ۾ منتقل ڪري ان کي جيئدان ڏئي ٿي. اڄ آئون ھڪ بنهھ مختلف رخ کان ان تي روشني وجھندس.
مون اڳ ۾ ھڪ مقالو لکيو ھو "فيمينزم جو لساني پھلو” جنھن ۾ مون ٻڌايو ھو ته ڪيئن سماج ۾ عورت سان لاڳاپجي ويو، لفظ پنھنجيون معنائون ڦيرائي ڇڏيندا آھن، مثال طور ھي لفظ ڏسو: ڪسب معنيٰ ڪم يا مزدوري، حديث آھي ته "الڪاسب حبيب الله” معني ڪم ڪندڙ يا مزدور الله جو دوست آھي، ۽ سنڌيءَ ۾ "ڪمي ڪاسبي” ۾ اھو موجود آھي، پر جيئن ته سنڌ جي سماج ۾ عورتن لاءِ اجوري تي ڪم ڪرڻ معيوب ھوندو ھو ان ڪري ان لفظ جي مونث صورت "ڪسبياڻي” کي ھڪ گار جي حيثيت حاصل ٿي وئي. ساڳي حالت لفظ "پروفيشنل” جي انگريزن وٽ ھئي جنھن جو متبادل سنڌيءَ ۾ "پيشو ڪندڙ” ٿيو. اھو اصطلاح عورتن سان لاڳو ٿيڻ سان اسان جي سماج ۾ گار طور استعمال ٿيندو رھيو آھي.
وقت گذريو، مختلف قسم جي ڪمن ۾ مھارت کي مڃتا ملي ۽ مختلف پروفيشن يا پيشا وجود ۾ آيا، مردن سان گڏ عورتن به انھن ۾ مھارت حاصل ڪئي، ڪن ڊاڪٽري پڙھي، ڪن انجنيئرنگ، ڪن آءِ ٽيءَ ۾ ته ڪن بزنس ائڊمنسٽريشن ۾ مھارت حاصل ڪري انھن پيشن جون ڊگريون ورتيون ۽ اڄ اھي انھن شعبن ۾ پروفيشنل سڏجن ٿيون، جيئن آءِ ٽي پروفيشنل يا بزنس پروفيشنل وغيره. اڄ اسين فخر سان چوندا آھيون ته "منھنجي ڌيءَ يا ڀيڻ وٽ پروفيشنل ڊگري آھي” -سماج مان ھاڻي ان لفظ جي ناڪاري يا نيگيٽو معنيٰ خارج ٿي وئي آھي، اھو عورتن جي مسلسل جدوجھد کان پوءِ تعليم حاصل ڪري مختلف پيشن ۾ داخل ٿيڻ سبب ممڪن ٿيو آھي.
اڄ آئون ھتي ھڪ ٻئي اصطلاح جي باري ۾ ڳالھائيندس، سو آھي "مڙس ماڻھو” جنھن جو ضد آھي "زال ماڻھو”- مڙس ماڻھو معنيٰ بھادر، ھمت وارو، ويڙھاڪ ( مڙس ته ڦڏو نه ته جڏو) معنيٰ مڙسي يا مردانگيءَ جي وصف رکندڙ، جنھن جي ابتڙ زال ماڻھو معنيٰ ضعيف( زائفان)، ڪمزور يا زناني وصف رکندڙ- چوندا آھن "ويچاري زال ماڻھو دنيا کي ڪيئن منھن ڏئي سگھندي؟” يا "اڪيلي زال ذات ڀلا ڇا ٿي ڪري سگھي!” معنائن جو اھو تضاد ھن جملي ۾ ڏسو: "فلاڻي عورت مڙس ماڻھو ٿي ڏکين حالتن کي منھن ڏنو آھي!” معنيٰ ته عورت به مڙس ماڻھو ٿي سگھي ٿي، پر پھرين کيس "ماڻھو” يا انسان ته مڃرائجي!
ھاڻي اچو ته ڏسون ته بدلجندڙ دنيا جي سنڌي سماج ۾ اھو اصطلاح اڃا تائين ڪيئن ٿو پروان چڙھي: فرض ڪريو ته ھڪ گھر ۾ ٻه ننڍڙا ڀاءُ ڀيڻ پاڻ ۾ وڙھن ٿا ۽ ڀاءُ ڀيڻ کي ماري ٿو ۽ اھا ڇوڪري روئي ماءُ يا پيءَ کي دانھن ٿي ڏي ته اھي کيس ڀاڪي پائي پرچائيندا، پر جي ڀيڻ ڀاءُ کي ماريو ۽ اھو روئي دانھن کڻي آيو ته ماءُ يا پيءَ ڇا ڪندا؟ اھي چوندا ته "اڙي تون ڇوڪرو ٿي ڪري روئين ٿو، ڇوڪرا ڪو روئندا آھن ڇا؟ مڙس ماڻھو ٿي روئڻ بند ڪر!”ساڳيءَ طرح ڪو ڌڪ لڳڻ تي سور کان روئڻ تي چيو ويندو آھي ته "مرد کو درد نھين ھوتا” يا چوندا "روئنديون ته ڇوڪريون آھن، تون ڇوڪرو ٿي ڪري روئين ٿو، صفا ڪو ڀاڙي آھين!”. نتيجي ۾ ڇوڪرا يا مرد روئڻ کي عورتاڻو عمل يا ڪمزوريءَ جي علامت سمجھي پنھنجي جذبن کي اندر ۾ گُھٽڻ جا عادي ٿي ويندا آھن ۽ لڙڪن وھڻ سان جيڪا ڪيٿارسس ٿيندي آھي ان کان محروم رھندا آھن. پوءِ ان جي نفسياتي ردعمل طور ڇوڪرا وڌيڪ اونٿرا ۽ ھائپر ٿي اھا انرجي خارج ڪندا آھن يا ھنن ۾ چڙ، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ پيدا ٿيندو آھي يا وري ميڊيڪل رسرچ مطابق مردن ۾ عورتن جي ڀيٽ ۾ السر، بلڊ پريشر ۽ ھارٽ اٽيڪ وڌيڪ ھئڻ جو ھڪ ڪارڻ اھو به ھجي ٿو. ان ڪري مھرباني ڪري پنھنجن ڇوڪرن کي روئڻ کان نه جھليندا ڪريو. روئڻ ھنن جي نفسياتي ۽ طبعي صحت لاءِ تمام ضروري آھي.
ميڊيڪل رسرچ اھو به چوي ٿي ته ماءُ جي پيٽ ۾ سرجڻ کان وٺي ڄمڻ جي پنجن سالن تائين ڪنھن به ڪمزوريءَ يا گھٽتائيءَ جي صورت ۾ ڇوڪرين جي ڀيٽ ۾ ڇوڪرن جي مرڻ جي شرح وڌيڪ ھوندي آھي، يعني اھي ڪمزور ھوندا آھن، شايد اھوئي سبب ھجي جو فطري طور مائرون پٽن جي کاڌي پيتي ۽ صحت جو وڌيڪ خيال رکنديون آھن ۽ لاڏ ڪنديون آھن. ٻئي طرف قدرت ڇوڪرين کي اھا قوت ڏني آھي جنھن سان ھو ھر قسم جي بيماريءَ ۽ سور کي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون( ان جو ثبوت ماھواريءَ ۽ ويم جا ناقابل برداشت سور سھڻ آھي.) توھان اسان جي گھرن ۾ جيڪي ڇوڪرا ۽ مرد آھن انھن جو مشاھدو ڪريو، ڪنھن به بيماريءَ جي صورت ۾ ڇوڪري يا مائي پاڻ ئي دوا کائي مٿي کي پٽو ٻڌي پئي ھلندي يا جي وڌيڪ تڪليف ھوندس ته ڊاڪٽر کان دوا وٺي پاڻ ئي کائي منھن ويڙھي سمھي رھندي، مڙس پنھنجا ڪم ڪاريون لاھي ايندو. ان جي ڀيٽ ۾ بيمار ڇوڪرو يا مرد پيو بيزار ٿيندو، دوا به چاھيندو ته ماءُ يا زال ڏي، گھڻو بيمار ھوندو ته پيو آواز ڪڍندو، "امان، الا!” زال کي ڪيڏانھن وڃڻو ھوندو ته چوندو "آئون پيو مران توکي گھمڻ جي پئي آھي!” ان ۾ سندس ڏوھ بلڪل ڪونھي، اھو ان ڪري آھي جو ننڍي ھوندي کان مائرون سندن ناز کڻي، لاڏ ڪري پاڻ ئي ٿيون ان جو عادي بڻائين.
خير اھو ته مون ٿورو لائٽر موڊ ۾ چيو پر وري اچون ٿا اصل موضوع تي.ننڍڙي ھوندي ٻارن کي رانديڪا وٺي ڏيڻا ھوندا ته ڇوڪريءَ کي گڏي، ان جو ميڪ اپ سيٽ، رڌڻ پچائڻ جا ننڍڙا ٿانوَ وٺي ڏيندا ۽ ڇوڪري کي بيٽ بال، موٽرگاڏي، ھوائي جھاز يا پلاسٽڪ جي بندوق وٺي ڏيندا. جيڪڏھن ڪو ڇوڪرو ڀيڻ جي گڏين سان راند ڪڏي ته چڙي چوندا "بابلا! ڇوڪرا ڪو گڏين سان راند ڪندا آھن ڇا؟ اچي وٺ ھيءَ بندوق ان سان وڃي جھرڪين تي نشانو پڪو ڪر! يا وڃ وڃي ھيءَ گاڏي ھلائي!” ڳوٺن ۾ ڇوڪرا گليل کڻي پيا پکين جو نشانو بڻائيندا يا اٽي ڏڪر کيڏندا ۽ ڇوڪريون ويٺيون گڏين سان ڪچھري ڪنديون. ائين ڇوڪرن کي گھر سان دلچسپيءَ ۽ عورتن واري حساسيت کان محروم ڪري ايندڙ زندگيءَ ۾ "مڙس ماڻھو” ٿيڻ جي تربيت ملي ٿي. اڄ جي سائنسي تحقيق چوي ٿي ته ٻارن کي gender specific رانديڪا ڏيڻ غلط آھي جيڪڏھن ڪا ڇوڪري بيٽ بال ۽ گاڏين سان کيڏڻ ٿي چاھي ته ان کي اھي وٺي ڏيو ۽ جي ڪو ڇوڪرو گڏين سان کيڏڻ چاھي ته ان کي منع نه ڪريو، البت بندوق، تلوار يا مرڻ مارڻ وارا رانديڪا ٻنھي کي ھرگز نه وٺي ڏجن.
ھڪ ڇوڪري کي مڙس ماڻھو ھئڻ جو احساس به ھن سماج ۾ اسان ئي ڏيندا آھيون. اسان جي گھر مان ڪنھن ڇوڪريءَ يا مائيءَ کي ڪيڏانھن به وڃڻو ھوندو ته ان سان ڪو مرد يا ھڪ ڇوڪرو ھئڻ ضروري سمجھيو ويندو آھي پوءِ اھو ڀلي کانئس ننڍو ڇو نه ھجي. ان جو نتيجو اھو ٿو نڪري ته اھو ڇوڪرو يا مرد نفسياتي طور پاڻ کي ان جو محافظ يا protector ٿو سمجھڻ لڳي ( ھندن ۾ رکشا بنڌن يا راکي/رکڙي ان رکشا يا حفاظت جو اھڃاڻ آھي) ۽ اھا حفاظت جي ذميداري آھستي آھستي ڪنٽرول ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي ۽ ھو پنھنجي زال، ڀيڻ يا ڌيءَ کي ٻاھر وڃڻ يا ڪنھن به ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جو مجاز سمجھڻ لڳندو آھي. اھو ته ھڪ پھلو آھي جيڪو اسان عورتن جو موقف ٿي سگھي ٿو پر ان جو ٻيو پھلو مون سان ھڪ نوجوان ڇوڪري سليو، چيائين ته "ادي فرض ڪريو ته ھڪ ڇوڪرو پنھنجي ڀيڻ يا زال سان ڪٿي ٻاھر ھجي ۽ ڪو لوفر ان کي ڪجهھ چوي يا ڇيڙي ته لازمي ڳالھه آھي ته ان ڇوڪري مان اميد رکبي ته اھو غيرت ۾ اچي ان لوفر سان وڙھي ۽ پنھنجي "عزت” جو بچاءُ ڪري. ان ۾ ڪڏھن ڪڏھن جانيون به ھليون وينديون آھن (جيئن شاھه رخ جتوئيءَ ۽ شاھزيب جي ڪيس ۾ ٿيو.). ھاڻي فرض ڪريو ته اھو ڇوڪرو مصلحتاً نظرانداز ڪري ماٺ ڪري پاسو ڏئي ھليو وڃي ته اجائي خواري ٿيندي!
سوچيو ته ان لاءِ ماڻھو ڇا چوندا؟ ته بي غيرت آھي، ڀاڙي آھي، پنھنجي عزت جو تحفظ نٿو ڪري سگھي. اھڙي صورتحال ۾ به اھوئي "مڙسيءَ ” جو تصور آھي جيڪو سماج ھن کي ڏنو آھي، جڏھن ھن کي اھو بانور ڪرايو ٿو وڃي ته عورت ھن جي عزت آھي جنھن جو ھن کي بچاءُ ڪرڻو آھي ته پوءِ ھو ان کي پنھنجي ملڪيت ٿو سمجھڻ لڳي، ان صورت ۾ برابريءَ جي دعويٰ جو ڪھڙو جواز آھي!” مون کي سندس ڳالھه ۾ وزن لڳو، سوچيم ڇوڪرين کي ڇو نه پنھنجي حفاظت لاءِ وڙھڻ وارو ڪو ھنر سيکارجي؟
اتي ھڪ ٻي ڳالھه به ڪري سگھجي ٿي: فرض ڪريو ته زال مڙس ٻئي نوڪري ڪندڙ آھن، ٻئي ساڳئي وقت گھر موٽن ٿا. زال کي ڪم تي وڃڻ کان پھرين ۽ ڪم تان اچڻ کان پوءِ گھر ۽ ٻارن جو خيال ڪرڻو ٿو پوي ۽ مٿس ٻٽيون ذميداريون ٿيون پئجي وڃن. عورت کي ھميشه اھا تلقين ڪئي ويندي آھي ته تنھنجي پھرين ترجيح تنھنجو گھر ۽ ٻار ھئڻ گھرجن. ان ڪري عورت احساس جرم جو شڪار ٿيو وڃي ان ڪري اھا شعوري طرح ائين ڪري ٿي. پوءِ جيڪڏھن اھا نوڪري ڇڏي پنھنجي ڪئريئر جي قرباني ڏئي گھر ۾ ويھي ٿي رھي ته ڪنھن کي اعتراض ڪونه ٿيندو! پر جيڪڏھن ڪو مڙس ڪنھن سبب ڪري اھو فيصلو ڪري ته زال ڀلي نوڪري ڪندي رھي آئون ٿو گھر ۾ ويھي گھر ۽ ٻارن جو خيال رکان- ته سوچيو ماڻھو ڇا چوندا؟ ته غيرت نٿي اچيس جو "مڙس ماڻھو” ٿي ڪري پاڻ گھر ويٺو آھي زال ذات ويچاري پئي ڪمائي کارائيس ۽ سڄو گھر پئي ھلائي!– معنيٰ ته مرد کي ئي ڪمائي کارائيندڙ، ڪفيل پا provider ٿيڻو آھي پوءِ ظاھر آھي ته جيڪو حفاظت ڪندو ۽ ڪمائي کارائيندو، اھو protector به آھي ته provider به آھي ته اھو ڪنٽرول به ڪندو! پوءِ برابري ڪيئن قائم ٿيندي؟ ان ڪري اسان کي پنھنجا رويا بدلائڻا پوندا. اھي سڀ شڪايتون مردن سان نه معاشري سان ڪرڻ گھرجن جيڪو منجھن اھو احساس برتري وجھڻ جو ذميدار آھي ۽ ان ۾ عورتون به برابر جون شريڪ آھن.
حاصل مطلب اھو ته سماج جي سوچ کي بدلائڻو آھي ته عورت کي ملڪيت، عزت ۽ غيرت سمجھڻ بدران ھڪ پاڻ جھڙو انسان سمجھجي. ننڍي ھوندي کان ٻنھي جي جسماني ۽ ذھني تربيت يڪسان نموني ڪجي. پنھنجي حفاظت ڪرڻ جو فن ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪرين کي به سيکارجي، عقل ۽ سمجهھ وارين ڳالھين سان گڏ علم پرائڻ جا موقعا به ھڪجھڙا ڏئي سندن ذھني تربيت يڪسان ڪجي، روزگار يا ڪمائڻ جي ذميداري پڻ ٻنھي جي ھئڻ گھرجي، خاص ڪري ھن دور جي گھرجن آھر ملڪ جي اڌ آباديءَ کي ٻي اڌ آباديءَ مٿان چٽي ڪري ويھارڻ مناسب ڪونھي. گھر جي خوشحاليءَ لاءِ پڻ ٻنھي صنفن کي ڪم ڪرڻو پوندو. ان ۾ غيرت جو عنصر خام خيالي آھي.
سنڌي سماج تڏھن ترقي ڪندو جڏھن اھو انھن مدي خارج تصورن مان جند آجي ڪندو. ماڻھوء کي ماڻھو، انسان کي انسان سمجھندو، پوءِ ان جي حياتياتي صورت ڪھڙي به ھجي-عورت يا مرد! اھو حياتياتي فرق به سواءِ تخليق جي عمل دوران ڪجهھ عرصي تائين فعال ھوندو آھي جنھن ۾ عورت کي سنڀالڻ جي ضرورت پئجي سگھي ٿي ۽ ڇو ته ان تخليق جي سرجڻ ۾ مرد جو به ڪردار آھي ۽ اھا حاصلات يعني اولاد نعمت جي صورت ۾ عورت سان گڏ مرد کي ملي ٿي ان ڪري مرد تي لازم آھي ته ھو ان عرصي دوران ان جو خيال رکي، باقي عمر ته ھونءَ به عورت مرد جي ھر خواھش جو خيال رکي ٿي.
منھنجي ذاتي راءِ اھا آھي ته اڄ جو پڙھيل لکيل باشعور مرد به انھن ٻٽن معيارن سبب پريشان آھي.( بي شعور ته اڄ به ڪھاڙي کنيو پيو ھلي) اچو ته ان باشعور مرد سان گڏجي سماج مان انھن ٻٽن معيارن جي پاڙ پٽي سنڌ کي ايڪيھين صديءَ ۾ سرخرو ڪريون!
(سگا عورت ونگ طرفان ڪرايل عورت ڪانفرنس ۾ پڙهيل)