هر جماعت جي اها دعويٰ آهي ته اها جمهوري نظام آڻڻ چاهي ٿي پر جيڪڏهن باريڪ بيني سان جائزو وٺبو ته ڪيتريون ئي اهڙيون جماعتون آهن،جيڪي پنهنجي جوهر ۾ جمهوريت جي نفي ڪن ٿيون.
چونڊن دوران عوام سان ڪيل واعدن تي شايد ئي ڪنهن جماعت 50 سيڪڙو به عمل ڪيو هجي.ان هوندي به ملڪ جو عوام انهن جماعتن تي اعتبار ڪري ٿو ۽ ووٽ ڏئي ٿو پر اقتدار حاصل ڪندڙ جماعتون وري به پنهنجي ڪيل واعدي تان ڦري ٿيون وڃن.
هن وقت سياسي جماعتن جي اهڙن واعدن جي ڪري ئي عوام مايوسي ۾ ورتل آهي.ڇاڪاڻ جو هر ڀيري خوبصورت واعدن باوجود عملي طور تي عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڪو ڪم نه ٿيندو آهي.ان ڪري ئي ميدان ۾ موجود جماعتون عوام کي پاڻ ڏانهن راغب ڪرڻ جي لاءِ پروگرام ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، پر ڪنهن به جماعت وٽ اهڙو ڪو نعرو نه آهي جيڪو عام ماڻهن جي وڏي اڪثريت کي متاثر ڪري سگهيو هجي.
ورهين کان پيپلزپارٽي اٽي،لٽي ۽ اجهي جي نعري تي عوام کان ووٽ ته وٺندي رهي آهي پر جيڪو به عرصو پيپلزپارٽي اقتدار ۾ رهي آهي ان دوران اهڙي ڪنهن باقاعده رٿا جي شروعات نه ڪئي آهي،جنهن مان اهو محسوس ٿئي ته عوام جي فائدي وٽان عملي طور تي ڪو ڪم ٿي رهيو هجي.
تازو هڪ اداري ڊي ڊبليو مختلف سياسي جماعتن جي بيانيئي ۽ جماعت جي منشور بابت تجزيو ورتو آهي.جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر اٽي،لٽي ۽ اجهي جي بيانئي سان ووٽرن جون دليون کٽڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر پيپلز پارٽي وٽ ان سوال جو ڪو به اطمينان بخش جواب ناهي ته ايتري عرصي کان سنڌ جي عوام کي اٽي، لٽي۽ اجهي جون سهولتون ڇو نه ڏئي سگهي؟تجزئي نگارن موجب پ پ جي شريڪ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بزرگن کي سياست ڇڏڻ وارو بيان دراصل نوجوان ووٽرن کي راغب ڪرڻ جي ڪوشش آهي.پاڪستان مسلم ليگ، ملڪ ۾ خوشحالي ۽ معاشي بحاليءَ جو بيانيو کڻي ووٽرن تائين پهچي رهي آهي.جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ نون کي ان جي اڳواڻيءَ واري 16 مهينن واري حڪومت جو ڌيان ڇڪايو ويندو آهي ته هو انهن ناڪامين جو ٺهڪندڙ تجزيو ڪرڻ بدران “سياسي قيمت چڪائي ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ” جو قصو بيان سامهون کڻي ايندي آهي.
نواز ليگ جا اڳواڻ مستقبل جي رٿائن تي ڳالهائڻ بدران پنهنجي حڪومت جي 2013ع کان 2018ع تائين جي ڪاميابين کي ڳڻائي رهيا آهن. ساڳئي وقت مسلم ليگ (ن) کي پنهنجي مخالفن جي ان داستان کي ٽوڙڻ ۾ ڏکيائي محسوس ٿي رهي آهي، جنهن موجب اهي نواز شريف کي لاڏلو ۽ مسلم ليگ ن کي اسٽيبلشمينٽ جي ڪٺ پتلي قرار ڏئي رهيا آهن. تجزئي نگارن موجب پاڪستان مسلم ليگ هڪ اهڙو بيانيو ٺاهي رهي آهي جنهن ۾ يقين آهي ته اها اليڪشن کٽي ايندي،ان لاءِ مضبوط اليڪٽيبلز ان ڏانهن وڃڻ شروع ٿي آهي. جڏهن ته ملڪ جي هڪ ٻي وڏي سياسي جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف سوشل ميڊيا ذريعي ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ تبديليءَ جي بيانئي کي عوام ۾ مقبول ڪرڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب رهي آهي.
پر جيڪو ڪجهه سامهون نظر اچي رهيو آهي ان مان اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته هن وقت پاڪستان تحريڪ انصاف کي سياسي جاءِ نه ملي رهي آهي.ان ڪري سياسي پارٽين لاءِ ليول پليئنگ فيلڊ جي ڳالهه ڪري رهي آهي.ٻئي پاسي پاڪستان جون مذهبي ۽ سياسي پارٽيون به ملڪ جي مسئلن جي حل لاءِ ڪو ٺوس پروگرام پيش ڪرڻ بدران مذهبي نعرا ۽ آمريڪا ۽ آءِ ايم ايف جي غلاميءَ مان آزاديءَ جو استعمال ڪري پنهنجو بيانيو اڳتي وڌائي رهيون آهن.
ڊي ڊبليو موجب پاڪستان ۾ سياسي پارٽيون بدليل صورتحال سان گڏ پنهنجا بيانيا به تبديل ڪري رهيون آهن.پاڪستان پيپلز پارٽي ڪجهه عرصو اڳ تائين مڪمل طور تي اسٽيبلشمينٽ سان گڏ هئي، پر اتان جوڳي موٽ نه ملڻ سبب هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪشن بدران سليڪشن جي مخالفت ڪري رهي آهي. ساڳيءَ ريت مسلم ليگ نون به ووٽ کي عزت ڏيڻ واري بيانئي تان هٿ کڻي وئي آهي.
تجزئي نگارن موجب هاڪاري جمهوري سماج جيان پاڪستان ۾ سياسي پارٽين کي ملڪ جي بهتري لاءِ قومي پاليسين بابت پنهنجا پروگرام ۽ منشور ٻڌائڻ گهرجن ها ته صحت،تعليم ۽ اهڙن عوامي شعبن جي بابت انهن جي پاليسي ڪهڙي هوندي ؟ پر بدقسمتي سان ميڊيا گليمر ۽ سوشل ميڊيا جي ڊوڙ ۾ برانڊ، نعرا ۽ بيانيئا وڌيڪ وڪامجن ٿا ۽ رسمي طور تي ڪي پارٽيون منشور جو اعلان ته ڪن ٿيون پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ان تي عمل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿين ٿيون. نه رڳو اهو پر ٿورو ئي اڳ سياسي پارٽيون “ووٽ کي عزت ڏيو” جو نعرو ڇڏي شهرت جي سستن طريقن ۽ چور دروازن سان اقتدار ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪنديون ته پوءِ عوام کي هڪ ٻئي ”هائبرڊ نظام“ لاءِ تيار رهڻ گهرجي.اهڙي طرح اسان جي سياستدانن وٽ صرف مقامي حڪومتون ئي رهنديون. پرڏيهي پاليسي، سيڪيورٽي پاليسي ۽ مالياتي پاليسين تي هنن اڳ ئي ڪنهن کي پنهنجي جاءِ ڏئي ڇڏي آهي.
تجزيه نگارن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سياسي پارٽين طرفان ڪو به نئون بيانيو سامهون ناهي آيو، اها ڳالهه حيران ڪندڙ آهي ته ڪنهن به پارٽي پنهنجي بيانيي ۾ سٺي حڪمراني، شفافيت ۽ ڪرپشن جي خاتمي کي شامل نه ڪيو آهي. سياسي ڌرين لاءِ آئين کي پنهنجي جوهر ۾ مڪمل طور لاڳو ڪرڻ، جمهوريت جي بالادستي،قانون جي حڪمراني۽حقيقي احتساب بابت بيانيو بهترين شعبا آهن. اهو عجب ناهي ته سياستدانن خلاف ريفرنسز ٺاهيندڙ نيب جا آفيسر ئي نيب جا ڪيس واپس وٺي رهيا آهن ۽ پارليامينٽ سياستدانن تي ڪرپشن جا داغ ڌوئڻ لاءِ قانون سازي ڪري ٿي.مٿي ذڪر ڪيل سياسي جماعتن جي جوڙيل بيانئين ۽ روايتي اڌورن پروگرامن مان ته ائين لڳي ٿو ته سياسي جماعتن وٽ موجوده حالتن بابت مڪمل ادراڪ ناهي.يا وري اهي سياست جي رسم پوري ڪري رهيون آهن.
حقيقت ۾ هن دور ۾ سمورين سياسي ڌرين کي وڌيڪ انقلابي ۽ عملي طور جمهوريت جي نظام کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پروگرام ۽ منشور ڏيڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو روايتي سياست سان ملڪ ۾ جمهوريت جي پاڙ ڪمزور ٿي رهي آهي.