پي ٽي آءِ جو جمعي تي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ ڪرائڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جمعي تي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي چيئرمين عمران خان جي مشاورت سان انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪي جمعي تي ڪرايون وينديون.
ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان بنا مقابلي پارٽي چيئرمين رهندو، جڏهن ته پارٽي ۾ باقي عهدن تي چونڊون ڪرايون وينديون.
واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن بيٽ جي نشان لاءِ تحريڪ انصاف کي 20 ڏينهن اندر انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.