گهر ويٺي پگهارون کڻندڙ ملازم برطرف ڪيا وڃن، مون کي ڪارڪردگي کپي: عمر سومرو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي انساني حقن بابت نگران وزير عمر سومري چيو آهي ته انساني حقن جا مسئلا اسان سڀني تي بار آهن، انهن کي گڏجي حل ڪرڻو پوندو.
نگران صوبائي وزير عمر سومري جي صدارت هيٺ انساني حقن جي شڪايتن ۽ ٽي آءِ سي سيل جي ڪارڪردگي جي جائزي بابت اهم اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ انساني حقن واري سيڪريٽري تحسين فاطمه، ايڊيشنل سيڪريٽري فضل حسين اويسي، ڊپٽي ڊائريڪٽر آءِ ٽي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي، آفيسرن هيومن رائيٽس ڪمپلين سيل، ٽي آءِ سي سيل جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني.
هيومن رائٽس جي سيڪريٽري بريفنگ ۾ چيو ته سنڌ ۾ هيومن رائيٽس شڪايت سيل آڪٽوبر ۾ 91 ڪيس رپورٽ ڪيا، انساني حقن جي شڪايتي سيل کي هراسان ڪرڻ، اغوا، زيادتي ۽ تشدد جا ڪيس رپورٽ ڪيا ويا.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ هيومن رائيٽس آن لائن شڪايت سيل سان لاڳاپيل سمورن کاتن جي ججن، وڪيلن ۽ آفيسرن کي تربيت فراهم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، پوليس، وومين ڊولپمينٽ، قانون، فنانس سميت سمورن کاتن جي آفيسرن کي آن لائين ڪمپلين سيل مئنيجمينٽ سسٽم تي بريفنگ ڏيڻ جي ٽريننگ شروع ڪري ڇڏي آهي.
عمر سومري انساني حقن واري کاتي جو ڪال سينٽر ڪم نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته هيومن رائيٽس ڊائريڪٽوريٽ جي ڪارڪردگي رپورٽ 30 ڏينهن اندر پيش ڪئي وڃي.
صوبائي وزير
هن چيو ته انساني حقن واري کاتي جي آفيسرن جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن نه آهيان، ڪارڪردگي بهتر بڻائي وڃي، ڪير به ڪنهن جا پير نه ڇڪي، اسان کي ڪم ڪري ڏيکاريو.
سندس چوڻ هو ته گهرن ۾ ويهي پگهارون وٺندڙ ملازمن کي برطرف ڪيو وڃي، اسان کي محنتي ملازم گهرجن.
نگران صوبائي وزير چيو ته چائلڊ پروٽيڪشن ٽيم ان صنعتن جو دورو ڪري، جتي ننڍا ٻار ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اتي ڪارروائي ڪئي وڃي.
اجلاس ۾ انساني حقن واري کاتي جي آفيسرن مختلف کاتن پاران سهڪار نه ڪرڻ جي شڪايت پڻ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.