قومي ڪرڪيٽرن جو سنڌ پوليس تي پئسا وٺڻ جو الزام، چار اهلڪار گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ کيڏڻ کانپوءِ ڪراچي کان ملتان جي سفر دوران پاڪستاني ڪرڪيٽرن جو سنڌ پوليس سان رابطو پيو، جنهن کانپوءِ رانديگر ڪاوڙيل نظر آيا.
اهو واقعو گذريل رات سڪرنڊ پوليس اسٽيشن جي حدن ۾ پيش آيو، جنهن کانپوءِ ڪرڪيٽرن صهيب مقصود ۽ عامر يامين سنڌ پوليس بابت تنقيد جي ٻڌل ٽوئيٽ ڪيا.
صهيب مقصود ٽوئيٽ ۾ لکيو ته اسان تمام خوش قسمت آهيون جو سنڌ نه پنجاب ۾ رهون ها، زندگي ۾ پهريون ڀيرو ڪراچي کان ملتان روڊ ذريعي سفر ڪري رهيو آهيان، سنڌ پوليس ايتري ڪرپٽ آهي جو سفر دوران هر 50 ڪلو مينٽرن کانپوءِ توهان کي روڪي پئسا گهرندي آهي يا توهان کي ٿاڻي وٺي وڃڻ جي ڌمڪي ڏيندي آهي.
هن چيو سنڌ پوليس ۾ بدعنواني ايڏي عروج تي آهي جو جيڪڏهن توهان روڪڻ تي انهن کي پئسا ڏيو به ته ايندڙ 50 ڪلو ميٽرن تي توهان کي ٻيهر روڪي پئسا گهريا ويندا، اسان کين چيو ته عالمي ڪرڪيٽر آهيون، جيڪي ڪراچي ۾ ميچ کانپوءِ ملتان وڃي رهيا آهيون، هنن پوءِ به 8000 هزار رپيا ورتا ۽ پوءِ اسان کي ڇڏيو.
سنڌ پوليس موجب ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد انڪوائري رپورٽ جوڙي ورتي ۽ واقعي ۾ مبينا طور تي ملوث سڪرنڊ ٿاڻي جي چئن اهلڪارن خلاف باقاعدي ايف آءِ آر داخل ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
هوڏانهن قومي ڪرڪيٽر عامر يامين به ”ايڪس“ تي پنهنجي پوسٽ ۾ اهو ئي داستان بيان ڪيو.
هن چيو ته جيڪڏهن اسان پنجاب ۾ هجون ها ته اهڙو واقعو ڪڏهن به پيش نه اچي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.