بابا وانگا سال 2024ع لاءِ ڪهڙيون اهم اڳڪٿيون ڪيون هيون؟

مشهور آنجهاني نابين نجومڻ بابا وانگا جنهن جو واسطو بلغاريا سان هو، هن گذريل سالن جيان 2024ع جي حوالي سان به مرڻ کان اڳ ڪجهه اڳڪٿيون ڪيون هيون جن بابت اڄ اسان اوهان کي ٻڌائينداسين.
بابا وانگا کي مڃيندڙن جو چوڻ آهي ته قدرت کيس اهڙي نعمت سان نوازيو هو ته هوءَ مستقبل جو حال ٻڌائيندي هئي، اهو ئي سبب آهي جو آنجهاني نجومڻ جون ڪيتريون ئي اڳڪٿيون درست ثابت ٿيون.
بابا وانگا جي مڃيندڙن موجب آنجهاني نجومڻ جي شهزادي ڊيانا جي موت، سوين يونين جي خاتمي، جرمني جي اوڀر ۽ اولهه جي اتحاد، 2004ع ۾ ٿائيلينڊ جي سونامي، عالمي وبا ڪوروبا وائرس ۽ 2022ع جي حوالي سان ڪيل اڳڪٿيون يعني خطرناڪ زلزلو ۽ ٻوڏ جو خطرو ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ سڄ ثابت ٿيون.
بابا وانگا ڪير هئي ۽ سندس اڳڪٿين جي ايتري اهميت ڇو آهي؟
بلغاريا سان واسطو رکندڙ آنجهاني بابا وانگا هڪ حادثي ۾ نابين ٿي هئي جنهن موجب اهو چيو ويندو آهي ته هن ۾ مستقبل کي ڏسڻ جو هنر قدرتي طور تي موجود هو.
بابا وانگا جي پيدائش 1911ع ۾ جڏهن ته موت 1996ع ۾ ٿيو هو، ان وقت سندس عمر 85 سال هئي، پر مرڻ کان اڳ هوءَ دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏن واقعن جون اڳڪٿيون ڪري وئي هئي. انهن مان هڪ 9/11 جي مبينا اڳڪٿي به هئي.
بابا وانگا جي پالنا رومانيه ۾ ٿي، پر جڏهن هوءِ 12 ورهين جي هئي ته رومانيا ۾ مٽي جو شديد طورفان آيو جنهن ۾ هوءَ نابين ٿي وئي.
هوءَ نه رڳو جڙين ٻوٽين جي حڪيم پر مذهبي پيشوا به هئي جنهن سال 5079ع تائين اڳڪٿيون ڪيون آهن ڇو جو سندس خيال هو ته ان کنا پوءِ دنيا ختم ٿي ويندي.
بابا وانگا جون 2024ع لاءِ اڳڪٿيون.
سال 2023ع جي ختم ٿيڻ ۾ تقريبن رڳو هڪ مهينو رهجي ويو آهي، گذريل سالن جيان ايندڙ سال 2024ع لاءِ به آنجهاني بابا وانگا ڪجهه اڳڪٿيون ڪيون هيون.
1-روسي صدر تي قاتلانو حملو
بابا وانگا موجب 2024ع ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن تي پنهنجي ئي ملڪ جي ماڻهن طرفان قاتلاڻو حملو ڪيو ويندو.
2-دهشتگرد ۽ بائيولوجيڪل حملا
بابا وانگا اڳڪٿي ڪئي هئي ته يورپ ۾ دهشتگرد حملن جو انگ وڌي ويندو جڏهن ته هڪ وڏو ملڪ 2024ع ۾ بائيولوجيڪل هٿيارن جا تجربا يا حملا ڪندو.
3-تمام وڏو معاشي بحران
بابا وانگا موجب 2024ع ۾ تمام وڏو معاشي بحران ايندو جيڪو عالمي معيشت کي بري طرح متاثر ڪندو جڏهن ته قرضن جي شرح وڌندي.
4-موسمياتي تباهيون
آنجهاني بابا وانگا اڳڪٿي ڪئي هئي ته ايندڙ سال دنيا خوفناڪ موسمياتي تباهين ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيندي.
5-سائبر حملن ۾ اضافو
بابا وانگا موجب 2024ع ۾ دنيا ۾ سائبر حملن ۾ اضافو ٿيندو. اعليٰ درجي جا هيڪرز پاور گرڊز ۽ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽس جهڙن اهم انفرا اسٽرڪچر کي نشانو بڻائيندا، جنهن سان قومي سلامتي کي خطرو پيدا ٿيندو.
طبي شعبي ۾ ڪاميابيون
6-آنجهاني بابا وانگا اڳڪٿي ڪئي هئي ته 2024ع ۾ الزائمر ۽ ڪينسر سميت لاعلاج بيمارين جا نوان علاج دريافت ٿيندا.
7-ٽيڪنالوجي ۾ اهم اڳڪڀرائي
بابا وانگا اها به اڳڪٿي ڪئي هئي ته 2024ع ۾ ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ ۾ اهم اڳڀرائي ٿيندي.
نابين نجومڻ جي اڳڪٿين تي ماهر ڇا ٿا چون؟
آنجهاني نجومڻ جي اڳڪٿين تي تحقيق ڪندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته وانگا جون اڳڪٿيون 68 سيڪڙو درست آهن، جڏهن ته سندس پيروڪار ان کي تقريبن 85 سيڪڙو درست قرار ڏيندا آهن.
آنجهاني نجومڻ جون جتي ڪيتريون اڳڪٿيون درست ثابت ٿيو، اتي ئي گھڻيون اهڙيون به هيون جيڪي سچ ثابت نه ٿيون.
بابا وانگا جون سچ ثابت نه ٿيندڙ اڳڪٿيون
سندس غلط اڳڪٿين مان هڪ اها هئي ته آمريڪا جو 45 هوبن صدر اهڙي بحران کي منهن ڏيندو جيڪو ملڪ کي ٻوڙي ڇڏيندو، ملڪ جي اسريل مان اسرندڙ ٿي ويندو.
آمريڪا جي 45 هين صدر ڊونلڊ ٽرمپ بيشڪ اقتدار ۾ رهندي ڪجهه وڏن چئلينجز کي منهن ڏنو پر آمريڪا اڃا به پنهنجي جاءِ تي قائم آهي.
بابا وانگا اها به غلط اڳڪٿي ڪئي هئي ته 1994ع جي ورلڊ ڪپ جو فائينل ٻن ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو جن جا نال بي سان شروع ٿيندا، جڏهن ته حقيقت ۾ فائنلسٽ برازيل ۽ اٽلي هئا.
وانگا جي غلط ثابت ٿيل هڪ ٻي اڳڪٿي اها هئي ته 2010ع 2021ع وچ ۾ جوهري جنگ ٿيندي، پر اهڙو ڪجهه به نه ٿيو.
بابا وانگا 2016ع ۾ يورپ جي خاتمي جي اڳڪٿي به ڪئي هئي.
بابا وانگا 2024ع لاءِ ڪيل اڳڪٿيون ڪيتريون درست ثابت ٿين ٿيون اهو وقت ٻڌائيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.