ڪراچي: تيز رفتار ٽينڪر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 10 ورهين جو ٻار فوت، شهري آپي کان ٻاهر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي علائقي اورنگي ٽائون ۾ واٽر ٽينڪر جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر ۾ 10 ورهين جو ٻار فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.
اورنگي ٽائون هڪ نمبر تي تيز رفتار واٽر ٽينڪر موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ورهين جو ٻار جاويد فوت ٿي ويو، جيڪو موٽر سائيڪل تي سوار هو، جڏهن ته موٽر سائيڪل هلائيندڙ شخص زخمي ٿي پيو.
واقعي کانپوءِ ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته مڇريل ماڻهن ٽينڪر کي باهه ڏئي ڇڏي.
پوليس جي وڏي نفري پهچي مڇريل ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪيو، جڏهن ته فائر بريگيڊ اختيارين باهه تي ضابطو آندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.