لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ خوشخبري سامهون اچي وئي، ڇو ته پاڪستان سپر ليگ ۾ ٻن نين ٽيمن جي شموليت جو امڪان آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ليگ ۾ واڌ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ 2026 جي سيزن ۾ 6 بدران 8 ٽيمون شرڪت ڪنديون.
ذريعن موجب نين ٽيمن لاءِ جن شهرن تي غور ڪيو پيو ڃي، انهن ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص، سيالڪوٽ ۽ فيصل آباد شامل آهن پر حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو.
فيصلو ٻولي (بڊنگ) جي عمل ۽ فرنچائز خريد ڪندڙ ڌرين جي دلچسپي جي بنياد تي ڪيو ويندو.
پي ايس ايل ۾ ٽيمن جو انگ وڌائڻ جو مقصد نه رڳو ليگ کي وڌيڪ مقبول بڻائڻ آهي پر ملڪ جي ٻين شهرن کي به ان ميگا ايونٽ جو حصو بڻائڻ آهي.
You might also like