لزبن (ويب ڊيسڪ) اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جي پٽ کي پرتگال جي انڊر 16 اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو.
15 ورهين جو رونالڊو جونيئر هن وقت سعودي عرب جي ڪلب النصر ۾ يوٿ رينڪ ۾ کيڏي رهيو آهي، کيس ترڪي ۾ ٿيندڙ فيڊريشن ڪپ ٽورنامينٽ لاءِ 22 رانديگرن جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
30 آڪٽوبر کان 4 نومبر تائين ٿيندڙ ان ٽورنامينٽ ۾ پرتگال جو مقابلو ترڪي، ويلز ۽ انگلينڊ جي نوجوان ٽيم سان ٿيندو.
You might also like