ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محمد رضوان کان ون ڊي ڪپتاني واپس وٺڻ تي اڳوڻي اڳوڻي ڪرڪيٽر راشد لطيف ڇرڪائيندڙ دعويٰ ڪري ڇڏي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ محمد رضوان کان ون ڊي ٽيم جي قيادت واپس وٺي شاهين آفريدي کي نئون ڪپتان مقرر ڪيو آهي، جنهن تي اڳوڻي ڪرڪيٽر راشد لطيف دعويٰ ڪئي ته محمد رضوان کي فلسطين جي حمايت ڪرڻ تي هٽايو ويو.
راشد لطيف هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ محمد رضوان کي قيادت تان هٽائڻ جو ذميوار هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن کي قرار ڏنو ۽ چيو ته رضوان کي ان ڪري هٽايو ويو، ڇو ته ان غزا جي مظلوم فلسطينين جي حمايت ڪئي هئي.
هن چيو ته محمد رضوان فلسطين جو جهنڊو کنيو ۽ ڊريسنگ روم ۾ مذهبي روايتن کي متعارف ڪرايو، جيڪو مائيڪ هيسن کي پسند نه آيو، توهان فلسطين جو جهنڊو کڻڻ تي ڪپتان کي هٽائي ڇڏيو، هاڻ اها سوچ اچي وئي آهي ته اسلامي ملڪ ۾ غير اسلامي ڪپتان ايندو.
سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ به انضمام الحق، محمد يوسف جهڙا مذهبي رجحان وارا ڪپتان رهيا پر پرڏيهي ڪوچن کي ڪو اعتراض نه ٿيو، هيسن ڊريسنگ روم مان اهڙي ثقافت کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو پر ڪجهه ماڻهو آهن جيڪي ان فيصلي ۾ ان سان گڏ شامل آهن.
You might also like