نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست جهارکنڊ جي ضلعي دُمڪا ۾ هڪ پرڏيهي عورت سياح کي مڙس سامهون 7 ڄڻن اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته عورت جي مڙس تي سخت تشدد به ڪيو ويو.
اسپين جو متاثر جوڙو 28 ورهين جي فرنانڊا ۽ 63 ورهين جو ويسنٽي موٽر سائيڪل ذريعي دنيا جي سفر تي نڪتا هئا، واقعو ان وقت پيش آيو، جڏهن ٻئي سياح ڀارت کان نيپال ڏانهن وڃي رهيا هئا ۽ دمڪا ۾ ڪيمپ لڳائي رات ترسيا.
رپورٽن موجب جوابدارن اڳ ۾ ويسنٽي تي حملو ڪري کيس زخمي ڪري وڌو، جنهن کانپوءِ هنن فرنانڊا سان لڄالٽ ڪئي.
پوليس واقعي ۾ ملوث ٽن شڪين کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو، جڏهن ته ٻين جي ڳولا جاري آهي.
واقعي کانپوءِ متاثر عورت سوشل ميڊيا تي پنهنجو خوفناڪ تجربو بيان ڪندي چيو ته جوابدارن مڙس جي ڳلي تي ڇري رکي کيس مارڻ جي ڌمڪي ڏني ۽ پوءِ ٻن ڪلاڪن تائين مون سان زيادتي ڪندا رهيا.
You might also like