خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور ۾ عورت پنهنجي مڙس، ٽن پٽن ۽ ڌيءُ کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ کانپوءِ آپگهات ڪري ڇڏيو.
اهو افسوسناڪ واقعو خيرپور جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حدن ۾ پيش آيو، جنهن ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا.
پوليس موجب اقصيٰ نالي عورت فائرنگ ڪري پنهنجي مڙس، ٽن پٽن ۽ ڌيءُ کي قتل ڪيو، پوءِ هن پاڻ کي به گولي هڻي ڇڏي.
پوليس ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب عورت جو دماغي توازن درست نه هو پر واقعي جي حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
مارجي ويلن ۾ عورت جو مڙس نويد آرائين، سندس ٻار احمد علي، موسيٰ، علي شير ۽ مصورا شامل آهن.
خيرپور ۾ افسوسناڪ واقعو، عورت پنهنجي مڙس، ٽن پٽن ۽ ڌيءُ کي ماري آپگهات ڪري ڇڏيو
You might also like