تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان نئين سر ڳالهين جي آڇ رد ڪري ڇڏي.
خامنه اي ايڪس تي نئين سر جوهري ڳالهيون شروع ڪرڻ جي آمريڪي آڇ تي ردعمل ڏيندي چيو ته آمريڪي صدر وڏي فخر سان چئي ٿو ته هن ايران جي ايٽمي صنعت کي بمباري سان تباهه ڪري ڇڏيو، تمام سٺو، خواب ڏسندا رهو!
هن چيو ان ڳالهه جو آمريڪا سان ڪهڙو واسطو آهي ته ايران وٽ جوهري اثاثا آهن يا نه؟ آمريڪا جي اها مداخلت نامناسب، غلط ۽ زبردستي آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران ۾ امن معاهدي تي ڳالهيون نئين سر شروع ٿي وڃن ٿيون ته ڏاڍو سٺو هوندو.
You might also like