توهان جا غير فعال ايڪس يوزر نيم ڪمپنيءَ کي مالا مال ڪري ڇڏيندا، پر ڪيئن؟

توهان جا پراڻا غيرفعال ٽوئيٽر (ايڪس) يوزر نيم هاڻي ڪمپني لاءِ خزانو ثابت ٿيڻ وارا آهن.
ها، ايڪس ڪمپني اهڙن يوزر نيم کي وڪڻڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪي ڊگهي عرصي کان استعمال نه ڪياويا آهن.
ڪمپني اهو اعلان هڪ ايڪس پوسٽ ۾ ڪيو.
ڪمپني موجب، اهي يوزر نيم ”ايڪس هينڊلز مارڪيٽ پليس“ ذريعي وڪرو ڪيا ويندا.
اهو مارڪيٽ پليس رڳو ايڪس جي پريميئم ۽ پريميئم بزنس يوزرز لاءِ دستياب هوندو.
ڪجهه يوزر نيم مفت به ڏنا ويندا، جن لاءِ ”Priority“ جي اصطلاح استعمال ڪئي ويندي.
ٻيا يوزر نيمز وڪرو ڪيا ويندا يا ”انوائيٽ اونلي“ هوندا، جن لاءِ ”Rare“ جي اصطلاح استعمال ڪئي ويندي.
ٻڌڻ ۾ اِهو ڪجهه عجيب لڳي ٿو، پر هڪ رپورٽ ۾ ان جي وضاحت ڪئي وئي.
رپورٽ موجب مفت يوزر نيم بنيادي طور تي ڊگها نالا هوندا، جڏهن ته وڪرو ٿيندڙ اڪائونٽ هينڊلز مختصر يا وڌيڪ انوکا هوندا.
انهن يوزر نيمز جون قيمتون 2500 ڊالرن کان شروع ٿي لکين ڊالرن تائين پهچي سگهن ٿيون، جنهن جو دارومدار انهن جي گهرج ۽ انفراديت تي هوندو.
وڪرو ٿيندڙ يوزر نيمز جي ملڪيت منتقل نه ڪئي ويندي ته جيئن ماڻهو انهن کي ٻيهر وڪرو نه ڪري سگهن.
اهو به واضح ناهي ته انهن يوزر نيمز جي اڳوڻن مالڪن کي ان مان ڪو مالي فائدو ملندو يا نه.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.