ٽِڪ ٽاڪ تان پاڪستاني واهپيدارن جون اڍائي ڪروڙ وڊيوز ڊليٽ، ڪارڻ سامهون اچي ويو

وڊيو شيئرنگ ايپ ٽِڪ ٽاڪ طرفان 2025ع جي ٻي ٽه ماهي دوران پاڪستاني واهپيدارن جون اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ وڊيوز پليٽفارم تان ڊليٽ ڪيون ويون.
اهو انڪشاف ڪمپني طرفان جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ ڪيو ويو.
ياد رهي ته ٽڪ ٽاڪ تي روزانو ڪروڙين وڊيوز اپلوڊ ڪيون وڃن ٿيون، جن جي مواد جي جاچ ڪميونٽي گائيڊ لائينز جي اصولن تحت ڪئي ويندي آهي.
ان ڏس ۾ ٽڪ ٽاڪ 2025ع جي ٻي ٽه ماهي لاءِ ڪميونٽي گائيڊ لائينز تي عملدرآمد بابت رپورٽ جاري ڪئي آهي.
رپورٽ موجب، ٽڪ ٽاڪ اپريل کان جون 2025ع دوران سڄي دنيا مان 18 ڪروڙ 90 لک کان وڌيڪ وڊيوز کي ڪميونٽي گائيڊ لائينز جي ڀڃڪڙي تي پليٽفارم تان هٽايو ويو.
اهو انگ ٽڪ ٽاڪ تي ان عرصي دوران اپلوڊ ڪيل وڊيوز جي اٽڪل 0.7 سيڪڙو جي برابر آهي.
ڄاڻايل وڊيوز مان 16 ڪروڙ 39 لک کان وڌيڪ وڊيوز کي پاڻمرادو نظام ذريعي نشاندهي بعد ڊليٽ ڪيون ويون، جن مان 74 لک کان وڌيڪ وڊيوز کي وڌيڪ جاچ پڙتال کانپوءِ بحال ڪيو ويو.
ڪمپني موجب فعال طريقي سان وڊيوز ڊليٽ ڪرڻ جي شرح 99.1 سيڪڙو رهي ۽ جنهن مان 94.4 سيڪڙو مواد کي پوسٽ ٿيڻ جي 24 ڪلاڪن اندر پليٽفارم تان هٽايو ويو.
ان عرصي دوران 7 ڪروڙ 69 لک کان وڌيڪ جعلي اڪائونٽ ڊليٽ ڪيا ويا، جڏهن ته وڌيڪ اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ اهڙا اڪائونٽ ختم ڪيا ويا جن بابت شڪ هو ته اهي 13 سالن کان گهٽ عمر وارن واهپيدارن جا هئا.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊليٽ ڪيل 30.6 سيڪڙو وڊيوز حساس يا بالغ موضوعن تي آڌاريل هيون، جيڪي ٽڪ ٽاڪ جي مواد بابت پاليسين سان نه پيون ٺهڪن.
14 سيڪڙو وڊيوز ۾ پليٽفارم جي تحفظ ۽ شائستگي واري معيار جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، جڏهن ته 6.1 سيڪڙو وڊيوز پرائيويسي ۽ سيڪيورٽي جي هدايتن جي ڀڃڪڙي تي ٻڌل هيون.
ڊليٽ ڪيل وڊيوز مان 45 سيڪڙو کي غلط ڄاڻ ڦهلائڻ سبب رپورٽ ڪيو ويو، جڏهن ته 23.8 سيڪڙو وڊيوز جي ترميم ٿيل ميڊيا يا مصنوعي ڏاهپ (اَي آءِ ) جي مدد تيار ڪيل مواد طور نشاندهي ٿي.
پاڪستان ۾ ان عرصي دوران 2 ڪروڙ 54 لک 48 هزار کان وڌيڪ وڊيوز ڊليٽ ڪيون ويون.
ڪمپني موجب، گائيڊ لائينز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ لڳ ڀڳ 96.3 سيڪڙو وڊيوز کي پوسٽ ٿيڻ کان 24 ڪلاڪن جي اندر ڊليٽ ڪيو ويو.ا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.