پشاور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو آهي ته هو وزيراعظم نه پر خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جو اميدوار آهي. پشاور ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو آهي ته اسان جو ملڪ 75 سالن ۾ پوئتي ڇو هليو ويو آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ ورتل قرضن جو بار به عوام تي وڌو ويو آهي، ان ڪري جن مهانگائي آندي، حڪمران بڻجي مهانگائي آڻي قيمتون وڌائي رهيا آهن. پرويز خٽڪ چيو ته اڳوڻن حڪمرانن آءِ ايم ايف کان قرض ورتو، آءِ ايم ايف اسان جو همدرد ناهي، هو اسان کان پئسا وياج سميت واپس وٺي ٿو .