اسلام آباد(م ڊ) آءِ ايم ايف پاڪستان کي گهربل قرضن جو ڪاٿو گهٽائي ڇڏيو. عالمي مالياتي فنڊ (International Monetary Fund) جو اندازو آهي ته هلندڙ مالي سال ۽ ايندڙ مالي سال دوران پاڪستان جي پرڏيهي قرضن جي گهرج 124 ارب ڊالر ٿي ويندي، جيڪا گذريل تخميني کان 8 ارب ڊالر گهٽ آهي. جڏهن ته پرڏيهي سرڪاري قرض 103 ارب ڊالرن تائين پهچي ويندو. مجموعي پرڏيهي قرض، جيڪو گذريل تخميني کان 5 بلين ڊالر گهٽ آهي. گهرج ۾ گهٽتائي جا ڪارڻ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽجڻ ۽ اسٽيٽ بئنڪ پاران ڊالر خريداري ڄاڻايا پيا وڃن.