ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي ملير ويجهو پوليس اهلڪار خالد نسيم جو لاش هٿ آيو آهي. ملير سٽي پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڪانسٽيبل خالد نسيم کوکراپار جو رهواسي سڪيورٽي زون ون ۾ مقرر هو ۽ واقعي وقت پوليس يونيفارم ۾ نه هو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. ايس ايس پي ملير، ملير سٽي جي حد ۾ پوليس ڪانسٽيبل جو لاش هٿ اچڻ جو نوٽيس وٺندي ايس پي ملير کي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ايس ايس پي ملير جي ترجمان موجب اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته تلاشي دوران لاش جي کيسي مان پوليس ڪارڊ هٿ آيو جڏهن ته وارثن جو چوڻ آهي ته مقتول گم ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ کوکراپار ٿاڻي تي ويو هو.