ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي ۽ حساس ادارن جي ڪارروائي، 2 دهشتگرد گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي ۽ حساس ادارن گڏيل ڪارروائي ڪندي شام مان تربيت وٺندڙ 2 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو، جن وٽان 2 پسٽل ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو. سي ٽي ڊي ترجمان موجب دهشتگردن  ۾ سيد رضا احمد جعفري ۽ سيد خرم علي ڪاظمي شامل آهن. دهشتگرد سيد رضا احمد جعفري اڳوڻو پوليس ملازم آهي، جنهن کي 1994ع ۾ پوليس مان برطرف ڪيو ويو هو. ترجمان موجب دهشتگردن کي وڏي رقم ٻاهرين ملڪن مان ملندي هئي ۽ سندن تعلق هاءِ ويليو ٽارگيٽ ڪلنگ نالي اسپيشل اسڪواڊ گروپ سان هو. سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار ٻاهرين ملڪ مان مليل هدف تي اهم شخصيت کي ٽارگيٽ ڪندا هئا. ٽارگيٽ ۾ مخالف فرقي جون اهم شخصيتون ۽ مفتي به شامل آهن. ترجمان موجب ڪجهه پرڏيهي شخصيتون به جوابدارن جي نشاني تي هيون. دهشتگردن کي اهم شخصيتن کي مارڻو هو ۽ هاءِ ويليو هدفن کي حاصل ڪرڻ جو عمل مڪمل ڪيو ويو هو . سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪندي ڪراچي کي وڏي تباهي کان بچائي ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.