بحريا ٽائون جون زمينون سنڌ جي اصل رهواسين حوالي ڪيون وڃن:لال جروار

سجاول/دڙو ( نمائندن وٽان) سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ بند ڪريو، سنڌ مان غير ملڪين کي نيڪالي ڏيو، جي سري ھيٺ عوامي تحريڪ ضلعي سجاول طرفان ميرپور بٺورو ڀرسان ڳوٺ پيارو خان زئور ۾ مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي، جيڪا رات دير تائين جاري رهي، مچ ڪچهري ۾ چيو ويو ته بحريا ٽائون سنڌ جي زمينن تي ناجائز قبضا ڪيا آهن، بحريا ٽائون کي غيرقانوني قرار ڏئي زمينون سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن حوالي ڪيون وڃن، سنڌ جون سرڪاري زمينون ملڪ رياض جهڙن قبضاگيرن بدران سنڌ جي هارين ۽ مزدورن کي ڏنيون وڃن، مچ ڪچهري کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، حسين آزاد، گنھور خان زئور، درياخان زئور، عزيز ميمڻ، سيد عطا حسين شاھ، ساگر پرھياڙ، احمد خان رند، نورمحمد زئور ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته عوامي تحريڪ مسلسل جھدوجھد ۾ آھي، ٺٽو سجاول بدين ميرپورخاص  واھي  ۾ ھزارين ماڻھن جون ريليون ڪيون آھن، ڌاري آبادڪاري، زمينن تي قبضن، سنڌ جي وسلن جي ڦرلٽ خلاف سنڌي قوم کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ جھر جھڻگ ۾ آواز  اٿارڻو  پوندو. زرعي انقلاب جي آڙ ۾  سنڌ  جون زمينون ڌارين غير ملڪين جي حوالي ڪيون پيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.