لاهور(م ڊ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ خاص عدالت مبينه طور تي چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪرڻ واري ڪيس ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم اورنگزيب جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي طلب ڪري ورتو، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ميان جاويد لطيف جي پيش ٿيڻ تي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ايڊمن جج ابهر گل خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڇنڇر ڏينهن ٻڌڻي تي جاويد لطيف عدالت ۾ پيش ٿي حاضري مڪمل ڪرائي. عدالت مريم اورنگزيب جي بريت جي درخواست تي پراسيڪيوشن کان جواب طلب ڪري ورتو. عدالت پيش نه ٿيڻ تي مريم اورنگزيب جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي طلب ڪري ورتو. عدالت سمورن جوابدارن کي 9 ڊسمبر تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي.