راحيل هارون کي هر صورت ۾ گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي:عدالت

ڪراچي (رپورٽر) مليرجي عدالت ۾ بحريا ٿائون ۾ پراپرٽي ڊيلرمحمد ياسر کان ڀٽووٺڻ ۽ تشددڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ پوليس لينڊ مافيا راحيل هارون سميت ٻين کي پيش نه ڪري سگهيا، عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهارڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي هرصورت ۾ گرفتارڪري پيش ڪيو وڃي، درخواست گذار محمد ياسر موقف اختيار ڪيو ته مان بحرياٿائون ۾ ريئل اسٽيٽ جو واپار ڪندو آهيان، راحيل هارون نالي جو ماڻهو پنهنجي ساٿين سان گڏ مون کان ڀتو طلب ڪيو ۽ مون تي تشدد ڪيو، پوليس جوابدارن کي نٿي گرفتار ڪري، جڏهن راحيل هارون ۽ هن ساٿين جي خلاف داخل درخواست تي ملير عدالت پيش ٿيو ته عدالت جي ٻاهران جوابدارن مون کي تشدد  ڪري  5 لک کان وڌيڪ رقم ۽ موبائل فون جي ڦرڪري فرار ٿي ويا، عدالت ۾ پوليس جوابدار راحيل هارون کي روپوش قرار ڏنو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.