سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ ملازمن جي گهٽ پگهار جي جاچ شروع

ڪراچي( رپورٽر ) قانون ۽ انساني حقن واري نگران صوبائي وزير عمر سومري سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي ملازمن کي گهٽ پگهار ڏيڻ جو نوٽيس وٺندي سيڪريٽري، مڪاني ادارن ۽ پورهئي کاتي کي خط لکي پورهئي کاتي جي سيڪريٽري کي فوري طور جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته خرچن ۽ ادائگي جي حسابن ۾ ملازمن مڪمل اجرت ڏيکاري وڃي ٿي پر حقيقت ابتڙ آهي. قانون ۽ انساني حقن واري نگران صوبائي وزير عمر سومري سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي لازمن کي گهٽ پگهار ڏيڻ جو نوٽيس ورتو. نگران صوبائي وزير، سيڪريٽري، مڪاني ادارن ۽ پورهئي کاتي کي خط لکي ڇڏيا، عمر سومري، پورهئي کاتي جي سيڪريٽري کي فوري طور جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، قانون ۽ انساني حقن واري نگران صوبائي وزير عمر سومري خط ۾ چيو آهي. ته خرچن ۽ ادائگي جي حسابن ۾ ملازمن کي مڪمل اجرت جي ادائگي ڏيکاري وڃي ٿي پر حقيقت ابتڙ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.