غزا ( م ڊ ) غزا ۾ 4 ڏينهن واري عارضي جنگ بندي جي ٻئي ڏينهن تي معاهدي تحت 42 فلسطينين کي اسرائيل پاران آزاد ڪيو ويندو. فلسطيني جيل اٿارٽي موجب اسرائيلي حراست مان آزاد ٿيندڙن ۾ 18 عورتون ۽ 24 ٻار به شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب، عارضي جنگ بندي ايندڙ 4 ڏينهن يعني اڱاري جي صبح 7 وڳي تائين جاري رهندي.واضح رهي ته گذريل ڏينهن عارضي جنگبندي کانپوءِ پهرين ڏينهن حماس 13 اسرائيلين سميت 24 يرغمالين کي آزاد ڪيو هو جڏهن ته اسرائيل 39 فلسطيني عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪيو هو. فلسطيني تنظيم حماس اسرائيل تي الزام هنيو آهي ته هو امن معاهدي جي شرطن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب حماس جي سياسي بيورو جي سربراهه طاهر النونو چيو آهي ته اسرائيل ڪيترائي ڀيرا معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هوڏانهن مصر چيو آهي ته غزا ۾ عارضي جنگ بندي کي هڪ ڏينهن وڌيڪ وڌائڻ جي حوالي سان سڀني ڌرين کان مثبت اشارا مليا آهن.