پرڏيهين خلاف آپريشن جي نالي ۾ ڊرامو ڪيو پيو وڃي: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپور خاص، ٺٽو، سجاول، لاڙڪاڻو ،بدين ضلعن سميت سڄي سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ لکين غير قانوني پرڏيھي ويٺل آھن، انھن کي نيڪال نه پيو ڪيو وڃي، آپريشن جي نالي ۾ ڊرامو ڪيو پيو وڃي، پيپلز پارٽي اٽي، لٽي ۽ اجھي جا ڪوڙا نعرا ھڻي سنڌ جا وسيلا وڪڻي ڇڏيا ۽ سنڌي ماڻھن کي پنھنجي وطن ۾ بي وطن ڪيو، ڊجيٽل آدمشماري جي نالي ۾ سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪرپشن جو راڄ قائم ڪري ھر کاتي جي ڪارڪردگي عوام دشمن بڻائي ڇڏي آھي، دنيا ۾ اليڪشن ڪارڪردگي جي بنياد تي وڙھي ويندي آھي سنڌ ۾ ۽ پاڪستان ۾ عوام جي راءِ تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا، نتيجا تبديل ڪري عوام دشمن طاقتون اقتدار تي قابض ڪيون وڃن ٿيونم سنڌ ۾ تمام گھڻي مھنگائي آھي، اٽو ۽ کاڌي پيتي جون شيون تمام گھڻيون مھانگايون ٿي ويون آھن..  پيپلز پارٽي 15 سالن جي اقتداري دؤر ۾ ڪي به روزگار جا وسيلا پيدا نہ ڪري سگھي آھي. زرعي تباھي جي ڪري سنڌ ۾ بک ۽ بدحالي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.