حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جي پڌرائي موجب ڌاري آبادڪاري افغانين جي نيڪالي ۽ زمينن جي ولار جي خلاف جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي طرفان حيدرآباد ۾ مارچ ڪيو ويندو ريلي 2 بجي شھباز بلڊنگ کان پريس ڪلب رواني ٿيندي جنھن جي اڳواڻي رھبر ڪميٽي جو سربراھ رياض علي چانڊيو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي اسلم خيرپوري نواز خان زئور سورھيه سنڌي ڪندا، جيئي سنڌ محاذ جي چئيرمين رياض علي چانڊيو چيو آھي ته ڌاريان سنڌ ۾ آباد ڪيا ويا آھن درياھ سنڌين کان کسيو ويو آھي وسيلا سنڌ جا لٽيا پيا وڃن بي روزگار سنڌي ڪيا ويا آھن لاقانونيت سنڌ تي مڙھيل آھي جڏھن ته سنڌ ھن ملڪ جي ماءُ آھي پر 77 سال گذرڻ جي باوجود ھي ملڪ پنھجي جابرانه پوزيشن تبديل ڪرڻ لاء تيار ناھي اڄ به سنڌين کي اقليت ۾ بدلائڻ جي ڪوشش جاري آھي حڪمران درست ٿيڻ جي بدران ساڳيا فارمولا استعمال ڪندي ملڪ کي غلامانا نظام تحت ھلائي رھيا آھن، رياست کي صرف پنجاب جي ڳڻتي آھي سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي.