ارڙهين ترميم سان هٿ چراند ٿي ته سخت ردعمل ايندو:بلوچ قومپرست اڳواڻ

ٺٽو(ڊ ر) بلوچ قومپرست اڳواڻن پاران ارڙھين آئيني ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ کي مستقبل ۾ ختم ڪرڻ يا ان ۾ تبديلي جو خدشو ظاهر ڪندي واضع ڪيو آھي ته اهڙي ڪا ڪوشش ڪئي ويئي ته ان جو ذميوار پنجاب ۽ اسلام آباد هوندا ۽ سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جو عوام سخت ردعمل ظاهر ڪندو، سنڌ جي دوري تي نڪتل اڳوڻي ايم اين اين عبدالرئوف مينگل اڳوڻي ايم پي اي اڪبر مينگل سان گڏ ٺٽي ۾ ڊاڪٽر عبدالواحد بروهي جي رهائشگاھ تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عام چونڊن جو اعلان ٿيندي ئي چونڊن کان اڳ اهو تاثر ڏياريو پيو وڃي ته فلاڻو وزير اعظم ٿيندو ۽ فلاڻي کي اقتدار ملندي، جنهن مان عام چونڊن جي شفافيت تي خدشا وڌي رهيا آھن،عبدالرئوف مينگل چيو ته سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي عوام کي هميشه احساس محرومي جو شڪار بڻايو ويو آھي، ناڻي ۽ معدني جي وسيلن تي پنجاب ۽ اسلام آباد وفاق جي نالي تي قابض بڻيل آھن، ارڙهين ترميم جي باوجود صوبن کي مڪمل خودمختياري نه ملي سگهي آھي، سمورن ادارن کي پنهنجي آئيني حدن اندر رهي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن کي بااختيار بڻائي عوام کي پنهنجي مرضي مطابق پنهنجا نمائندا چونڊڻ جو موقعو فراهم ڪري ننڍن صوبن جي خدشن کي ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.