اسلام آباد(بيورو+م ڊ) وفاقي ڪابينه جي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) معاملن واري ذيلي ڪميٽي نيب جي سفارشن تي 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ عمران خان سميت 41 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ داخل ڪرڻ ۽ 13 جا نالا ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪميٽي جو اجلاس نگران گهرو وزير سرفراز احمد بگٽي جي صدارت هيٺ گهرو وزارت ۾ منعقد ٿيو. مواصلات ۽ ريلويز بابت نگران وزير شاهد اشرف تارڙ ۽ گهرو معاملن واري وزارت ۽ ٻين ادارن جي اختيارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اي سي ايل سان لاڳاپيل مختلف نوعيت جي ڪيسن جو جائزو ورتو ويو. ذيلي ڪميٽي مختلف کاتن ۽ ادارن طرفان موڪليل 41 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي. ڪميٽي نيب جي سفارشن تي 190 ملين پائونڊ سيڪنڊل ۾ عمران خان سميت 29 ماڻهن کي اي سي ايل ۾ داخل ۽ 13 مختلف نوعيت جي ڪيسن کي اي سي ايل مان ڪڍڻ جي سفارش پڻ ڪئي. عدليه جي هدايتن تي 7 ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي سفارش ڪئي وئي. نظرثاني لاءِ پيش ڪيل اپيلن مان 3 ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي پڻ سفارش ڪئي وئي. ذيلي ڪميٽي جون سفارشون حتمي منظوري لاءِ نگران وفاقي ڪابينه کي موڪليون وينديون.