اسلام آباد ( م ڊ ) شير افضل خان مروت کي تحريڪ انصاف جو سينيئر نائب صدر مقرر ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. اهڙو نوٽيفڪيشن پارٽي اڳواڻ عمر ايوب جاري ڪيو آهي. واضح رهي ته شير افضل خان مروت چيئرمين پي ٽي آءِ جو وڪيل به آهي.
-
ڪراچي: سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ملازم جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي ۾ سينارٽي کي نظر اندازڪرڻ وار ي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، گريڊ هڪ جي ملازم الله ويهايو جي درخواست تي عدالت سنڌ فورڊ اٿارٽي سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذار چيو ته فورڊ اٿارٽي جي 2017ع جي سينارٽي لسٽ آهي، منهنجو نالو هڪ کان 16نمبر تي ڪيو ويو آهي، ميرٽ کي نظر انداز ڪري من پسند ماڻهن کي ترقيون ڏينون ويون، منهنجي مقرري 2011ع ۾ ٿي آهي .