حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ هڪ سرڪاري ٺيڪيدار کان ڪروڙين روپين جي ڦر ڪئي وئي، پوليس اهڙي ڦر واري واقعي کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪري ڇڏي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته قاسم چوڪ ويجهو سرڪاري ٺيڪيدار اشوڪ ڪمار ٿڌاڻي پنهنجي پٽ وجي سان گڏ اڇي رنگ جي ڪرولا ڪار سوار هو ۽ هنن اتي هڪ پيٽرول پمپ تان گاڏي ۾ پيٽرول وجهرايو ته هٿياربندن ڀٽائي نگر کان پهريان ايندڙ يو ٽرن تي ٻنهي ڄڻن کي ڪار مان لاهي ڪار سميت 2 ڪروڙ روپيا روڪ رقم، سونا زيور ۽ بانڊ ڦري فرار ٿي ويا، اهڙي واقعي بعد اشوڪ ڪمار ۽ سندس پٽ وجي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائڻ جي لاءِ ويا جنهن کانپوءِ ٻنهي ڄڻن جو پتو نه پئجي سگهيو، هوڏانهن ڀٽائي نگر ٿاڻي جي ايس ايڇ او اصغر تنيو اهڙي ڦر واري واقعي جي ترديد ڪندي چيو ته اهڙو ڪو به ڦر وارو واقعو پيش ناهي آيو، پوليس ڦر واري واقعي کي ڊرامو قرار ڏئي رهي هئي.