پشاور (م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي کي باچا خان ايئرپورٽ تي جهاز مان لاٿو ويو. شوڪت يوسفزئي جو وڊيو بيان سامهون آيو آهي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته هو عمري جي لاءِ سعودي عرب وڃي رهيو هو ته کيس باچا خان ايئرپورٽ تي روڪيو ويو. پنهنجي وڊيو بيان ۾ شوڪت يوسفزئي چيو ته بورڊنگ پاس ۽ ڪليئرنس ملڻ کانپوءِ ان کي ڇو روڪيو ويو؟ منهنجو بورڊنگ پاس به مون کان ورتو ويو. اڳوڻي صوبائي وزير جو چوڻ هو ته منهنجو نالو نه اي سي ايل ۾ آهي ۽ نه ئي منهنجي خلاف ڪا ايف آءِ آر آهي پر ان باوجود مونکي پشاور ايئرپورٽ تي روڪيو ويو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي شوڪت يوسفزئي چيو ته ڪيترائي ڪلاڪ ايئرپورٽ تي ويهڻ کانپوءِ کيس وڃڻ جو چيو ويو، هو ان خلاف عدالت وڃي رهيو آهي.
-
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي، 664 پوائنٽن جي واڌ
ڪراچي (م ڊ ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ / زبردست تيزي اچي وئي، جنهن کانپوءِ ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 58 هزار پوائنٽن جي حد پار ٿي وئي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل هڪ هفتي کان تيزي ڏٺي پئي وڃي، اربع ڏينهن به ڪاروبار دوران اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي ڏٺي وئي ۽ 100 انڊيڪس هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو. ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 664 پوائنٽن جي واڌ ٿي ۽ انڊيڪس پهريون ڀيرو 58 هزارن جي سطح پار ڪري ويو، ان دوران 100 انڊيڪس نئين تاريخي بلندي 58 هزار 450 جي سطح تي پهتو. ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 827 پوائنٽون وڌيو ۽ ڪاروبار جي پڄاڻي تي 58 هزار 198 تي بند ٿيو. 59 ڪروڙ شيئرز جا سودا 22 ارب رپين ۾ طئي ٿيا، مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 121 ارب رپيا وڌي 8444 ارب رپيا ٿي آهي.