ڪراچي:همدرد يونيورسٽي جي هاسٽل مان شهدادڪوٽ واسي هندو شاگرد جو لاش هٿ،قتل جو شڪ

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي منگھو پير ٿاڻي جي علائقي ناردرن بائي پاس ڀرسان خانگي ھمدرد يونيورسٽي جي هاسٽل مان پراسرار نموني فوت  ٿيل شھداد ڪوٽ واسي ھندو شاگرد امن ڪمار جو لاش هٿ. ان حوالي سان ايس ايڇ او منگھوپير ماجد علوي جو چوڻ آهي ته شاگرد جي سڃاڻپ 28 ورهين جي امن ڪمار ولد دليپ ڪمار طور ٿي آهي، جيڪو ڪمري ۾ اڪيلو رهندو هو ۽ سندس لاش بستري تي پيل هو، جيڪو 4 ڏينهن پراڻو آهي فرانزڪ ڊپارٽمينٽ جي عملدارن شاهديون گڏ ڪري ورتيون، مقتول جي هٿ تي موجود اڇو ڪيميڪل پڻ ليبارٽري اماڻيو ويو. مقتول گذريل ٻن سالن کان خانگي يونيورسٽي ۾ آئي ٽي، انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ ٽئين سيمسٽر جو شاگرد هو، جڏهن ته هو هاسٽل ۾ رهائش پذير هو. مقتول سومر تي منعقد ٽئين سيمسٽر جي فائنل پيپر ۾ غير حاضر هو. پاڙيسري ڪمري ۾ رهندڙ شاگرد سبحان پوليس کي پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو آهي ته امن ڪمار گذريل جمعي ۽ ڇنڇر جي رات ساڍي 4 وڳي تائين دوستن سان گڏ ڪمري ۾ هو، پوءِ دوست اُٿي ۽ پنهنجن ڪمرن ڏانهن هليا ويا. ۽ امن ڪمار پنهنجي ڪمري ۾  رهيو ، ان کان پوءِ ڪنهن به امن ڪمار کي ڪمري مان ٻاهر نه ڏٺو. اڱاري جي رات جڏهن سندس ساٿين کي خدشو ٿيو ته هنن ڪمري جو دروازو کڙڪايو پر دروازو نه کليو ۽ انتظاميا کي اطلاع ڏنو ويو. جڏهن ڏاڪڻ جي ڀرسان دريءَ مان اندر جهاتي پائي امن ڪمار کي ڏٺو ويو ته  هو  بيڊ تي ستل ۽ ڪمبل ۾ وڙهيل هو ، جنهن جي نڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو. مقتول جي پڦڙ راجڪمار ٻڌايو ته مقتول جو ٻن ٽن ڏينهن کان گهر وارن سان  رابطو نه ٿيو ته سندس ڀينرن کي ڳڻتي ٿي پريشان ٿي ويون، جنهن تي هنن امن ڪمار جي اڳوڻي روم ميٽ ذيشان سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس موبائل فون بند هو. جڏهن ته باسط نالي شاگرد جيڪو هڪ مهينو اڳ روم ميٽ هو ان سان رابطو ڪيو ويو، هن فون اٽين ڪئي پر بغير ڪنهن ڳالهه ٻولهه جي فون بند ڪري ڇڏيو.

  • هاسٽل انتظاميا جي لاپرواهي وائکي ٿي وئي

ڪراچي: پوليس جو چوڻ آهي ته هي واقعو خانگي يونيورسٽي انتظاميا جي لاپرواهي  جو نتيجو آهي  ۽ هن واقعي انتظاميا جي لاپرواهي کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، گذريل ٽن ڏينهن کان هاسٽل جو هڪ ڪمرو جنهن ۾ هڪ شاگرد رهي رهيو هو. ، انتظاميا بي خبر رهي،  هاسٽل جي ڪمرن جي صفائي سٿرائي نه ٿيندي آهي يا ڪمري ۾ ڪا غير قانوني سرگرمي  ته نه ٿي رهي آهي ڪا به چيڪنگ نه ڪئي هاسٽل جي چيڪنگ ڪرڻ ڪنهن جي ذميواري آهي.

  • امن ڪمار جي موت جي شفاف جاچ ڪئي وڃي: سماجي ردعمل

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سوشل ميڊيا تي امن ڪمار جي پراسرار موت تي ردعمل سامهون اچي رهيو آهي، ٽوئيٽر تي اڳوڻي ايم پي اي  پيتامبر سيوهاڻي جي ڌيءُ سپنا سيوهاڻي لکيو آهي ته اسان جي هندو برادري هاڻي پنهنجي ٻارن کي اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ موڪلڻ لاءِ غير محفوظ آهي. مون کي مڪمل يقين آهي ته چيف جسٽس پاڻ نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪندو،سماجي اڳواڻ فضا پتافي بلوچ لکيو ته قتل جي اصل سببن جي جاچ ڪرڻ ضروري آهي، پر ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته پاڪستان ۾ زندگي عام ماڻهن لاءِ ۽ ان کان به وڌيڪ اقليتي برادرين لاءِ مشڪل بڻجي رهي آهي.سنجي راجا لکيو ته سنڌ جي ڏورانهن ضلعي سان تعلق رکندڙ هڪ روشن خيال اقليتي شاگرد ڪراچي ۾ پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ بهتر تعليم حاصل ڪرڻ جي اميدن سان ڀريل پرائيويٽ همدرد يونيورسٽي ڪراچي جي هاسٽل ۾ فوت ٿي ويو آهي.دستگير ڀٽي لکيو ته ڪراچيء ۾ سنڌي جوانن جو قتلام بندنه ٿيوشهزادي حسين لکيو ته ھر روز ڪنھن نه ڪنهن شھر مان نوجوانن جا لاش ٿا ملن مسئلو ڇا آهي

  • امن ٽن ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ،لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام

شهدادڪوٽ ( رپورٽ: ثمر ڀٽي ) شھدادڪوٽ جي مشهور واپاري دليپ ڪمار جي سڪيلڌي پٽ امن ڪمار جو ڪراچي جي ھمدرد يونيورسٽي جي هاسٽل مان ٽي ڏينهن پراڻو مبينا تشدد ٿيل لاش ھٿ اچڻ کان پوءِ سندس اباڻي شھر شھدادڪوٽ جي ھندو پاڙي ۾ آندو ويو جتي اڳواٽ انتظار ۾ بيٺل سوين ھندو عورتن  ۽ مردن ۾ روڄ راڙو مچي ويو، سرڳواسي امن ڪمار پنهنجي والدين جو اڪيلو پٽ ھو جيڪو ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي راجڌاني واري شھر ڪراچي جي مھانگي يونيورسٽي ھمدرد ۾ تعليم حاصل ڪري رھيو ھو جنهن جو مبينا تشدد ٿيل لاش ھاسٽل جي ڪمري مان مليو، سرڳواسي امن ڪمار جي وارثن ۽ پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي رميش لعل موٽواڻي نگران حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته امن ڪمار جي المناڪ موت واري واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي سوڳوار خاندان سان انصاف ڪيو وڃي.

  • امن ڪمار جي جسم تي ڪو به نشان ناهي مليو: پوسٽ مارٽم رپورٽ

ڪراچي: امن ڪمار جي وارثن موجب ڊاڪٽرن نوجوان جي موت کي طبي قرار ڏنو آهي، رپورٽ موجب پوسٽ مارٽم ۾ شاگرد جي جسم تي ڪو به نشان ناهي مليو، ظاهري طور تي موت طبي لڳي ٿو، سبب حتمي  رپورٽ اچڻ بعد معلوم ٿيندو، رپورٽ موجب امن ڪمار ٽن ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ هو، ٻن مهينن کان اڪيلو هاسٽل جي روم ۾ رهائش اختيار ڪيل هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.