سنڌ جا وسيلا، سنڌو درياهه ۽ صوبائي خودمختياري خطري ۾ آهن: زين شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) جي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته وحدت سنڌ ريلي کان اڳ قلم 144 لاڳو ڪري سنڌ حڪومت احتجاج جو حق کسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سکر ڊسٽرڪٽ بار ۾ خطاب ڪندي زين شاهه الزام هنيو ته مڪاني ادارن ذريعي صوبائي حڪومتن کي غيرفعال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته سنڌو درياهه کي تباهه ڪيو پيو وڃي.
ايس يو پي صدر چيو پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ نفرت جا ٻج ڇٽي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ سياسي غيريقيني واري صورتحال آهي ۽ ڪنهن کي به خبر ناهي ته سڀاڻي ڇا ٿيندو.
زين شاهه چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهيا ويا ته سندس خيال ۾ قومي مالياتي ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ ۽ 1991ع وارو پاڻي ٺاهه به متاثر ٿي سگهن ٿا.

You might also like