ڪوئيٽا ويجهو پاڪ فوج جو تربيتي جهاز ڪِري تباهه، ٻه پائلٽ شهيد

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ويجهو پاڪ فوج جو مشاق تربيتي جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ٻه پائلٽ شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، ڪوئيٽا ويجهو پاڪ فوج جي ايويئيشن جو مشاق تربيتي جهاز ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه پائلٽ شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته حادثو نوان ڪلي واري علائقي ۾ پيش آيو. شهيدن ۾ ميجر حسنين شهزاد همايون ۽ ڪئپٽن عبدالصمد شامل آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، ميجر حسنين همايون انسٽرڪٽر پائلٽ، جڏهن ته ڪئپٽن عبدالصمد شاگرد پائلٽ هو.

You might also like