ڪراچي ( رپورٽر) جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري عام چونڊن ۾ سنڌ جي هر سيٽ تي اميدوار بيهارڻ جي فيصلي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته جي ڊي اي اڪثريت سان چونڊون کٽيندي ۽ سنڌ جي تقدير بدلائي ويندي، عام چونڊن ۾ ٻين سياسي پارٽين سان اتحاد بابت ڳالهيون جاري رهنديون.اهڙو فيصلو جي ڊي اي سربراهه صبغت الله شاهه راشدي پير پاڳاري جي صدارت هيٺ راجا هائوس ۾ جي ڊي اي جي ڪور ڪميٽي جي مشاورتي اجلاس ۾ ڪيو ويو، اجلاس ۾ جي ڊي اي اڳواڻن سيد صدرالدين شاهه راشدي، ڊاڪٽر سيد مظفر حسين شاهه، رئيس مرتضيٰ خان جتوئي، سيد زين شاهه، اياز لطيف پليجو، سردار عبدالرحيم، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، عرفان الله مروت، سيد محمد راشد شاهه، سيد محمد اسماعيل شاهه راشدي، عبدالرزاق الرحمان ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ رابطا مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سنڌ ۾ جي ڊي اي جي سياسي سرگرمي تيز ڪئي ويندي ۽ جلد پير پاڳاري جي صدارت هيٺ اجلاس ڪيو ويندو، اجلاس ۾ مسلم ليگ ن، جي يو آءِ، ايم ڪيو ايم پاڪستان سميت ٻين سياسي پارٽين سان ڳالهين بابت آگاهي ڏني وئي، اجلاس ۾ پ پ جي 15 سالن جي دور ۾ زراعت جي تباهي، ڪرپشن، سنڌ جي معاشي بحران، ٻوڏ متاثرن جي عدم بحالي، بيروزگاري، امن امان سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جي ڊي اي اليڪشن ڪميشن جي رويي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جي ڊي اي پاران نگران حڪومت ۽ صوبائي اليڪشن ڪميشن جي حوالي سان جيڪي خدشا ظاهر ڪيا ويا هئا اهي موجوده نگران حڪومت ۽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر جي نااهلي سبب اڃا تائين حل نه ٿيا آهن اجلاس کي خطاب ڪندي پير پاڳاري چيو ته ملڪ هن وقت نازڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي جيڪڏهن چونڊون شفاف نه ٿيون ته حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون، پير پاڳاري سنڌ جي عوام کي چيو ته هو حوصلو نه هاري ۽ عام چونڊن ۾ چورن، لٽيرن ۽ ڪرپٽ مافيا کي شڪست ڏئي.