اسلام آباد ( م ڊ ) سپريم جڊيشل ڪائونسل سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر نقوي کي ٻيهر شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جسٽس مظاهر نقوي خلاف شڪايتن جو جائزو ورتو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ سامهون آيل ثبوتن جي روشني ۾ جسٽس مظاهر نقوي کي نوٽيس جاري ڪيو ويو. سپريم جوڊيشل ڪائونسل شوڪاز نوٽيس ۾ چيو آهي ته جسٽس مظهر نقوي 14 ڏينهن اندر نوٽيس جو جواب ڏئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل تفصيلي شو ڪاز نوٽيس جاري ڪيو پر جسٽس اعجاز الاحسن تفصيلي شو ڪاز نوٽيس تي اختلاف ڪيو، جسٽس مظاهر نقوي کان شو ڪاز نوٽيس ۾ 10 معاملن تي وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس سردار طارق، جسٽس امير ڀٽي ۽ جسٽس نعيم افغان شو ڪاز جي حمايت ڪئي، رڳو جسٽس اعجاز الحسن، جسٽس مظاهر نقوي کي شوڪاز جاري ڪرڻ جي مخالفت ڪئي. ذريعن موجب جسٽس مظهر نقوي اعتراض واريو هو ته سندس خلاف شڪايتن جا تفصيل شو ڪاز ۾ درج نه ڪيا ويا، ڪائونسل مسلسل 3 ڏينهن تائين جسٽس مظهر نقوي خلاف شڪايتن ۽ انهن جي اعتراضن جو جائزو ورتو. جسٽس مظهر نقوي کي 27 آڪٽوبر تي ڪائونسل اجلاس ۾ به شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو هو.