عمران خان ۽ ٻين تي توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ اڄ فرد لاڳو ٿيندي

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) اليڪشن ڪميشن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان نيازي ۽ ٻين خلاف اليڪشن ڪميشن جي توهين ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي توهين جي ڪيسن تي فردجرم اڄ(خميس تي) لاڳو ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل ڪازلسٽ مطابق اليڪشن ڪميشن ۾ عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر خلاف اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي باري ۾ توهين آميز ۽ غير پارلياماني ٻولي جي استعمال جي ڪيس تي ٻڌڻي ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.