لاهور ( م ڊ ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد جي ضمانت واري درخواست تي دليلن لاءِ طلب ڪري ورتو. 9 مئي تي گلبرگ ۾ پوليس گاڏين کي ساڙڻ واري ڪيس ۾ نامزد ڊاڪٽر ياسمين راشد جي ضمانت واري درخواست تي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ارشد جاويد ٻڌڻي ڪئي. عدالت، ڊاڪٽر ياسمين راشد جي وڪيل کان دليل طلب ڪندي درخواست تي ايندڙ ٻڌڻي 27 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته ڊاڪٽر ياسمين راشد تي 9 مئي تي ماڻهن کي فساد ۽ بغاوت تي ڀڙڪائڻ جو الزام آهي. گلبرگ پوليس ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو هو.
-
ڪشمير ۾ ميجر سميت 2 ڀارتي فوجي مارجي ويا
سرينگر(م ڊ)غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين پنهنجي رياستي دهشتگردي جي تازي ڪاررواين ۾ گذريل ڏينهن راڄوڙي ۾ هڪ ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق فوجين نوجوان کي ضلعي جي علائقي ڪالاڪوٽ ۾ گهيري ۽ تلاشي جي هڪ ڪارراوئيءَ دوران شهيد ڪيو. ان کان اڳ انهي ئي علائقي ۾ هڪ حملي ۾ ڀارتي فوج جو هڪ ميجر ۽ هڪ اهلڪار فوت ۽ ايليٽ فورس جا 3 اهلڪار شديد زخمي ٿيا هئا.