اطلاعات کاتي جا ملازم سهولتون نه ملڻ خلاف عدالت پهچي ويا

ڪراچي(رپورٽر) اطلاعات کاتي سنڌ جا ملازم تعصبي رويي ۽ سيڪريٽريٽ ملازم تسليم نه ڪرڻ خلاف عدالت پهچي ويا، سنڌ هاءِ ڪورٽ  درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 9 جنوري تي مقرر ڪري ڇڏي جڏهن ته اطلاعات کاتي جي ملازمن موقف اختيار ڪيو آهي ته 10 مارچ 2012 جي نوٽيفڪيشن ۽ گائيڊ لائن باوجود کين ڪا به سهولت نٿي ڏني وڃي، ناڻو کاتو سمورن کاتن کي مراعتون ڏي ٿو پر اطلاعات کاتي جا ملازم الائونس کان محروم آهن. اطلاعات کاتي ۾ ڊي جي کان هيٺ تائين رڳو 500 جي اندر ملازم آهن جڏهن ته اڳوڻي صوبائي وزير هڪ اضافي ڊي جي ڏيڻ بابت سمري ڏني جيڪا پڻ 5 سال گذري ويا منظور نه ڪئي وئي ۽ اڳوڻي چيف سيڪريٽري ممتاز شاھه 4 الائونسز منظور ڪيا ناڻي وارو سيڪريٽري سمري کي به ٿڏي ڇڏيو هو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اطلاعات کاتي جا ملازم موڪلن، عيدن، ۽ هنگامي حالتن دوران به 24 ڪلاڪ ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا آهن، اطلاعات کاتي جي ملازمن کي نه سرڪاري گهر ڏنا وڃن ٿا نه ئي ٽرانسپورٽ جي سهولت ڏني وڃي ٿي، سيڪريٽريٽ ملازمن کي سرڪاري گهر، اعزازيو، اليڪشن، ايگزيڪيوٽو الائونس ڏنا وڃن ٿا، اطلاعات کاتي ملازمن کي نارمل پگهار ۽ سيڪريٽريٽ ملازمن کي 400 سيڪڙو وڌيڪ پگهار ڏني وڃي ٿي، سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 9 جنوري تي مقرر ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.