سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نتيجن ۾ ڦيرڦار، ٻڌڻي ملتوي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ميونسپل آفيسرن جي ڀرٿين جي لاءِ ورتل امتحان ۾ ميرٽ جي لتاڙ ۽ مبينا طور نوڪريون وڪرو ڪرڻ خلاف داخل ڪيل پٽيشن تي ٻڌڻي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ ايندڙ ٻڌڻي تائين ملتوي ڪئي وئي، پٽيشنرز جي وڪيل ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو پٽيشن تي تڪڙي ٻڌڻي لاءِ ارجنسي بابت درخواست داخل ڪرائيندي عدالت کي اپيل ڪئي ته 28 نومبر تي پٽيشن جي تاريخ ڏني وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل پٽيشن ۾ چيو ويو ته ميونسپل آفيسرن جي پوسٽ لاءِ ورتل امتحانن جا نتيجا رد ڪري نتيجن ۾ پنھنجا نوازي ۽ ڪرپشن جي جاچ لاءِ چيئرمين نيب کي حڪم جاري ڪيا وڃن، ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته وقت جي کوٽ جي ڪري اڄ ٻڌڻي نه ٿي سگهي، اسان ٻيهر 28 نومبر تي ٻڌڻي جي لاءِ ارجنسي جي درخواست ڏني آهي، هي سنڌ جي سوين پڙهيل لکيل نوجوانن جي مستقبل ۽ ميرٽ جو معاملو آهي، ڪرپشن ۽ بدعنواني جي ڪري پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي امتحان ڏيندڙ اميدوار پريشاني ۾ مبتلا آهن اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.