خانو نوحاڻي کي ڦاهي سزا ڏيارڻ ۾ مدد لاءِ دعا جو عوامي تحريڪ سان رابطو

حيدرآباد (پ ر) تانيه خاصخيلي جي ڀيڻ دعا خاصخيلي عوامي تحريڪ اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي سان ٽيلفونڪ رابطو ڪري تانيا  خاصخيلي جي قاتلن کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ هلندڙ جدوجهد ۾ ڀرپور سهڪار ڪرڻ تي سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جو شڪريو ادا ڪيو، دعا خاصخيلي چيو ته قاتل اسان جي گھر ۾ گھڙي منھنجي ڀيڻ کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو هو، اهڙي وحشي درندي کي عمر قيد جي سزا گھٽ آهي، جوابدار کي ڦاهي جي سزا ڏيارڻ ۾ منهنجي مدد ڪريو، هن چيو ته رسول بخش اوهان پهرين ڏينهن ئي تانيا خاصخيلي جي تڏي تي پھتا ھئا، آئون توهان کي پنھنجو ھمدرد مائٽ سمجھي ڳالھائي رھي آھيان، ڊاڪٽر رسول بخش عوامي تحريڪ طرفان کيس ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.