ڪوئيٽا ( م ڊ ) نگران صوبائي سڌ سماءَ واري وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته غيرقانوني مهاجرن خلاف ڪريڪ ڊائون جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٻه هزار کان وڌيڪ غير قانوني ترسيلن کي پڪڙي سرحد پار واپس موڪليو ويو آهي. نگران صوبائي سڌ سماءَ واري وزير چيو ته ڪنهن به غير قانوني پرڏيهي کي نه ڇڏيو ويندو، اسٽاپ اينڊ سرچ پاليسي تي به ڪم ڪري رهيا آهيون، جنهن تحت قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪنهن جو به سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته جنوري جي آخر تائين 10 لک غير قانوني مهاجرن کي واپس موڪليو ويندو، پاڪ افغان سرحد بند ڪرڻ جي خبرن ۾ ڪابه سچائي ناهي. جان اچڪزئي چيو ته 14 سيپٽمبر تي ولي تنگي ڊيم جي چيڪ پوسٽ تي حملو ٿيو هو، جنهن ۾ پاڪ فوج حملي آورن کي ڀرپور جواب ڏنو، بعد ۾ ولي تنگي ڊيم تي حملي جي ذميواري دهشتگردن قبول ڪئي. اهي پنهنجن دهشتگردن کي ڇڏي ڀڄي وڃن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت تائين ڪوئيٽا ذريعي سرحد پار ڪندڙ پرڏيهين جو انگ هڪ لک 20 هزار کان وڌيڪ آهي، اهڙيون خبرون به اچي رهيون آهن ته 2 لک جعلي شناختي ڪارڊ ٺاهيا ويا آهن، جن جي جاچ جاري آهي. نگران صوبائي سڌ سماءَ واري وزير جان اچڪزئي چيو ته صوبائي راڄڌاني ۾ غير قانوني ترسيلن جو انگ 10 لک جي ويجهو آهي.