حيدرآباد (رپورٽر) 6 سال اڳ جهانگارا ۾ قتل ڪيل تانيه خاصخيلي جي ڀيڻ دعا خاصخيلي چيو آهي ته خان محمد عرف خانو نوحاڻي ڀيڻ تانيه کي گهر ۾ گهڙي گوليون هڻي قتل ڪيو هو، جوابدار کي ڦاهي جي سزا ڏيڻ بدران ان جي سزا گهٽ ڪري عمر قيد ۾ تبديل ڪئي وئي آھي، تانيه جي خون سان وڏي ناانصافي آھي، پاسبان ڊيموڪريٽڪ پارٽي اڳواڻن الطاف شڪور، رفيق خاصخيلي ۽ ارشد آرائين سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دعا خاصخيلي وڌيڪ چيو ته فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪنداسين ته خانو نوحاڻي کي ڦاهي جي سزا ڏني وڃي، هو هڪ معصوم نياڻي جو قاتل آھي، هيترو ٽائيم گذرڻ باجود جوابدار کي ڦاهي ناهي ڏني وئي ويتر ان جي سزا گهٽ ڪئي وئي آھي، اهو ڪٿان جو انصاف آھي، هن چيو ته قاتل خانو نوحاڻي بروقت قتل جو اعتراف ڪيو هو پر کيس سزا نه ملي، جوابدار کي ڦاهي جي سزا ڏئي تانيه خاصخيلي جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.